جلال الدين مخدوم جھانيان جھان گشتت: مخدوم جھانيان سيد جلال الدين بخاريءَ جو شمار جليل القدر عارفن ۾ ٿئي ٿو. هيءُ علم ۽ حلم ۾بي مثال هو. سيرالعارفين جو مصنف لکي ٿو تہ: ”جلال الدين مخدوم جھانيان جو ڏاڏو سيد جلال الدين سرخ پوش، جنهن جو نسب مير سيد جعفر مرتضيٰ ابن حضرت امام علي نقي عليہ السلام سان وڃي ملي ٿو، سو بخارا شھر مان ملتان ۾ آيو ۽ شيخ السّلام حضرت بھاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي بيعت ڪري خلافت حاصل ڪئي. ان کان پوءِ اتان لڏي اچي اُچ ۾ مقيم ٿيو. کيس ٽي فرزند هئا. (1) سيد احمد ڪبير (2) سيد بھاءُ الدين ۽ (3) سيد محمد. سيد احمد ڪبير کي ٻہ پٽ ڄاوا (1) مخدوم جھانيان سيد جلال الدين حسين ۽ (2) سيد صدر الدين عرف شيخ راجو قتال.
سيد جلال الدين مخدوم جهانيان، پهرين شيخ رڪن الدين ابوالفتح (بھاءُ الدين زڪريا جي پوٽي) کان تربيت حاصل ڪئي. جتي محمد تغلق کيس سنڌ ملڪ جي شيخ الاسلامي ۽ سيوهڻ جي چاليهن ڳوٺن جي جاگير جو پروانو لکي ڏنو.“ ’سير العارفين‘ جي مصنف وڌيڪ لکيو آهي تہ ”هڪ دفعي عيد جي رات هيءُ بزرگ شيخ بھاءُ الدين زڪريا جي مقبري ۾ عبادت ۾ مشغول هو ۽ ڪشف ذريعي شيخ بھاءُ الدين کان عيد جي خرچي طلب ڪيائين. مقبري جي اندران آواز آيو تہ حق تعاليٰ توکي ’مخدوم جھانيان‘ جو خطاب عطا ڪيو آهي ۽ اها ئي تنھنجي عيد جي خرچي آهي. جڏهن صبح ٿيو تہ جيڪو بہ شخص ساڻس پئي مليو، تنهن کيس ’مخدوم جھانيان‘ جي خطاب سان پئي سڏيو.“
’سير العارفين‘ ۾ ئي آهي تہ: ”جڏهن سلطان فيروز شاھہ جي دور ۾ مخدوم جھانيان دهليءَ پهتو تہ بادشاھہ هن جو تمام گهڻو معتقد ٿي ويو ۽ مخدوم جھانيان وٽ اڪثر ايندو ويندو هو. اتفاقاً بادشاھہ جي وزير خان جھان هڪ اهلڪار جي پٽ کي قيد ڪري رکيو هو ۽ ان تي گهڻي سختي ڪندو هو. ان اهلڪار مخدوم صاحب وٽ حاضر ٿي سفارش جي درخواست ڪئي. مخدوم جھانيان هڪدم وزير جي گهر پهتو، پر ان بدبخت وزير اندران ئي چورائي موڪليو تہ آءٌ هر گز تنھنجي سفارش قبول نہ ڪندس ۽ توهان جي شڪل بہ نہ ڏسندس. آئندي هرگز منهنجي گهر اچڻ جي تڪليف نہ ڪجو.
مخدوم صاحب لڳاتار ست دفعا هن جي گهر ويو، پر هر دفعي هن انڪار ڪيو. جڏهن اٺون دفعو مخدوم جھانيان هن جي گهر پهتو تہ هن چورائي موڪليو تہ اي سيد! تو کي شرم نٿو اچي، آءٌ تو کي هيترا دفعا جواب ڏئي چڪو آهيان، پوءِ بہ تون منهنجي در تي بيٺو آهين“ ان تي مخدوم جھانيان جواب ڏنو تہ هر دفعي اچڻ تي مون کي ثواب حاصل ٿئي ٿو ۽ منهنجي خواهش آهي تہ هن مظلوم کي ڇڏايان تہ جيئن تو کي بہ ثواب ملي، جھان خان سندن اخلاق ۽ حلم ڏسي ايترو تہ متاثر ٿيو، جو پيرين ۽ مٿي اگهاڙو اچي مخدوم جھانيان جي پيرن تي ڪريو ۽ بيعت ڪيائين ۽ مظلوم ڇوڪري کي انعام ڏئي آزاد ڪري ڇڏيائين.“
مخدوم جھانيان سيد جلال الدين وڏي پايي جو عالم، فاضل، ولي، صاحب شريعت، طريقت ۽ اهل ﷲ هو. ننڍي کنڊ جي گهڻن ئي ﷲ وارن بزرگن هن کان فيض حاصل ڪيو. مخدوم جھانيان جي ولادت شب برات يعني 15 شعبان المعظم 706 ھہ/ 19 فيبروري 1307ع تي ٿي ۽ سندس وصال 10 ذوالحج المڪرم (عيدالاضحيٰ) 785ھہ/ 3 فيبروري 1384ع ۾ ٿيو. مخدوم جھانيان جي مزار اُچ شريف ۾ آهي. ولادت جي تاريخ ڪنهن هنڌ 14 شعبان 706 ھہ/ 19 جنوري 1308ع لکيل آهي، هن تمام ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر سفر ڪيو، ڪيترن ئي مشائخن ۽ عالمن سان مليو، روحاني ارتقا لاءِ هي ٽن ضابطن يعني: شريعت، طريقت ۽ حقيقت جو تعين ڪندو هو ۽ ايمان جا بہ ٽي درجه ٻڌائيندو هو: (1) ايمان تقليدي، (2) ايمان استدلالي، ۽ (3) ايمان مشاهداتي. سڀ کان پست ايمان تقليدي کي سمجهندو هو.
1307.02.19 عيسوي
مخدوم جهانيان جي ولادت شب برات يعني 15 شعبان المعظم 706 هه/ 19 فيبروري 1307ع تي ٿي
1384.02.03 عيسوي
مخدوم جهانيان جو وصال 10 ذوالحج المڪرم ( عيدالاضحيٰ ) 785هه/ 3 فيبروري 1384ع ۾ ٿيو .