جلال حجام سنڌي شيخ

جلال حجام سنڌي، شيخ: ’طبقات اڪبري‘ ۾ اڪبر بادشاھہ جي زماني جي درويشن ۾ شيخ جلال حجام سنڌيءَ جو نالو ملي ٿو. کيس فقيھہ مجذوب سنڌيءَ جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي ۽ ان کان وڌيڪ ڪا معلومات ڏنل نہ آهي، طبقات اڪبريءَ ۾ درويشن جي ذڪر جي اختتام تي هيءُ لکيل آهي تہ: ”مون انهن ئي فقيهن ۽ محدثن جا نالا لکيا آهن، جن سان منهنجي ملاقات ٿيل آهي“. انهيءَ مان اندازولڳائي سگهجي ٿو تہ شيخ جلال حجام سان بہ اڪبر بادشاھہ جي ملاقات ٿي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو