
جلال خان صحبت جو مقبرو
جلال خان - صحبت خان جو مقبرو: هيءُ مقبرو ميان نورمحمد جي قبرستان ، ڳوٺ ۽ ديھه ميان نورمحمد ، تعلقي دولتپور ضلعي نواب شاھه ۾ آهي . ھن جي ڏکڻ ۾ اٽڪل ھڪ ڪلو ميٽر پنڌ تي نم جو ڳوٺ ، ھن جي اوڀر ۾ ھڪ ڪلو ميٽر پنڌ تي لنڊڪي ڪئنال آھي . مقيم ڏاھريءَ جو ڳوٺ اٽڪل ڪلو ميٽر اولھه ۾ جڏھن تہ مورو شھر ھتان 16 ڪلو ميٽر پري آھي . ھيءُ ماڳ اتر ويڪرائي ڦاڪ 260 32’ 50’’ ۽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ 680 4’ 8’’ ڊگرين تي موجود آھي . ھيءُ چوڪنڊو مقبرو 9 . 40x9 . 40 ميٽر ڊيگهه ويڪر ۽ 12 ميٽر اوچائيءَ ۾ ٺھيل آھي . اڏاوت ۾ پڪيون سرون ، گارو گل ۽ چن استعمال ٿيل آھي . مقبري جو لنگهه اوڀرندي طرف نوڪدار گهڻ راسي ونگ سان سينگاريل آھي . مھاڙي گهڻ- راسين ونگن ۽ پانيلن سان ٺاھي وئي آھي . چارئي پاسا ھڪ جهڙي نموني اڏيل آھن . وڏي اٺڪنڊي ڳچ مٿان گول گنبذ ٺھيل آھي . ان جي مٿان فانوس وانگر ٿلھي ڪلس ٺھيل ھئي ، جيڪا ھينئر ڀري پئي آھي . گنبذ جو ٻاھريون حصو لنبيل آھي . ھيءُ گنبذ دھليءَ واري مقبري دادي پولي جي گنبذ سان گهڻو ملي ٿو . چوڪنڊو مقبرو اندر وڏن ونگاون پانيلن سان ٺهيل آهي ، جن تي خوبصورت راسيون ٺھيل آھن ۽ محراب وانگر اڌ گول ڪمانن سان جارا ٺھيل آھن ، اندر ٽي قبرون آھن . مقبرو سٺي حالت ۾ آھي جيڪوو قديم آثارن واري کاتي جي سنڀال ھيٺ آهي .