جلال سيد

جلال سيد: سيد جلال ثاني، سيد علي ثانيءَ جو فرزند هو، جيڪو پيءُ جي وفات بعد جانشين ۽ شيخ الاسلام مقرر ٿيو. سيد جلال ثاني پنھنجي پيءُ سيد علي ثاني وانگر اهل دل ۽ هدايت وارو صاحب هو، سياست ۽ ناموريءَ جي لحاظ کان عوام الناس ۾ تمام گهڻو مقبول ۽ بلند مقام تي هو. ڪيترائي سياسي مسئلا پنھنجي دانائيءَ سان حل ڪيائين. جڏهن مرزا باقي پنھنجي ڪرتوتن سبب ڊنو تہ شايد اڪبر بادشاھہ سنڌ تي حملو ڪندو تڏهن ان شاهي درٻار ۾سيد جلال کي سفير ڪري، هندستان ڏانهن موڪليو ۽ پنھنجي هڪ نياڻيءَ کي حرم شاهي ۾ پڻ موڪليائين، اڪبر بادشاھہ هن ظالم حاڪم جي تحفي کي رد ڪيو، پر سيد جلال ثاني جي سفارش تي اڪبر سنڌ تي حملي جو ارادو پڻ رد ڪيو. سيد جلال اڪبر کي اهو وقت ياد ڏيارو تہ پهريون ڪپڙو جيڪو توهان کي پيدا ٿيڻ کان پوءِ پهرايو ويو هو، سو منهنجي (جلال ثاني) پيءُ سيد علي ثاني جي پهراڻ جو ٽڪر ساڳيءَ طرح مرزا جاني بيگ جي عھد ۾ امير صادق خان، اڪبر بادشاھہ جي حڪم تي سنڌ ۾ ٺٽي کي فتح ڪرڻ جو عزم ڪيو ۽ هن بکر مان لنگهي سيوستان تي حملو ڪيو ۽ سيوستان (سيوهڻ) جي فتح جي خوشخبري اڪبر بادشاھہ جي درٻار ۾ موڪليائين. اهو ٻڌي سيد جلال، مرزا جاني طرفان اڪبر جي درٻار ۾ پهتو ۽ سيد جلال جي ڪوشش سان ئي اڪبر بادشاھہ ٻيهر صادق خان کي واپس اچڻ لاءِ فرمان جاري ڪيو ۽ امير صادق خان 994ھہ/1586ع ۾ سنڌ مان واپس وريو ۽ سنڌ وقتي طور مرزا جاني جي قبضي ۾ رهي. مير معصوم بکريءَ پنھنجي ڪتاب ‘تاريخي معصومي‘ ۾ پڻ هن جي تعريف ڪئي آهي. سيد جلال ثانيءَ کي هندستان وڃڻ کان اڳ (994ھہ/ 1586ع) مرزا جاني، مرزا صالح اول جي نياڻي نڪاح ۾ ڏني.


هن صفحي کي شيئر ڪريو