جلال شاھہ: سيد علي شير شاھہ ڄاموٽ جي فرزند ۽ جراڙ پوٽه ساداتن جو موجودہ پڳدار حاجي جلال شاھہ هڪ سماج دوست سياستدان طور علائقي ۾ مشھور آهي. پاڻ 1979ع ۾ لوڪل باڊين جي اليڪشن ۾ ڪائونسلر طور حصو ورتائين. 1987ع ۾ ٽائون ڪميٽي مٽياريءَ جو چيئرمئن چونڊيو ويو. 1996ع واري اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) گروپ پاران صوبائي سيٽ لاءِ اميدوار بيٺو. 24 جولاءِ 1998ع تي جڏهن شهرين پاران سنڌ دشمن ڪالا باغ ڊيم واري منصوبي جي خاتمي لاءِ مٽياري ايڪشن ڪميٽيءَ جو بنياد رکيو ويو تہ کيس ان جو چيئرمئن چونڊيو ويو. شھر جي ترقي ۽ عوام جي فلاح ۽ بھبود جي سلسلي ۾ سندس ڪيل خدمتون اهميت جي لائق آهن. آڪٽوبر 2002ع ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو.