جلال فقير ٽالپر

جلال فقير ٽالپر: صوفي شاعر جلال فقير، 1220ھہ/1805ع ڌاري پنھنجي اباڻي ڳوٺ ٽالپر وڏا، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو. هن پنھنجي ڳوٺ جي مدرسي مان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. سندس مائٽ زميندار ۽ خوشحال ماڻهو هئا، پر هن جي دل انهن ڳالهين سان گهٽ لڳندي هئي. ننڍي هوندي کان ئي سندس طبيعت فقيري واري هوندي هئي. هن شاعريءَ جي شروعات ننڍي هوندي کان ئي ڪئي. هيءُ ڪنڊڙيءَ وارن فقيرن مان ”دريا خان“ فقير جو صحبتي ۽ معتقد هو، پوءِ هن تجل شريف جهوڪ شريف ۽ راجپوتانا جا پنڌ ڪيا. چيو وڃي ٿو تہ جتي بہ ويو اتي ڪا نہ ڪا ڪرامت ڏيکاريندو رهيو. جلال فقير ٽالپر اڳتي هلي وڏي درجي تي پهتو، ايتري قدر جو سندس ڪيترائي ماڻهو مريد ٿي پيا. محترم نياز همايونيءَ موجب ڪنڊڙيءَ وارن درويشن جا ٿر ۽ راجپوتانا ۾ ماڙيچا هندو توڙي مسلمان مريد هئا. اهڙيءَ طرح جلال فقير جا پڻ انهيءَ پاسي گهڻا عقيدتمند ٿي پيا. جوڌپور ۽ جيسلمير جي راجائن جا پروانا پڻ سندس مهرن سان چمڙيءَ جي ٽڪرن تي چنبڙايل ڪاغذن ۽ گرمکي، شاستري اکرن ۾ فقير صاحب جي پوين وٽ اڃا تائين موجود آهن. ڪن جي چوڻ موجب صوفي جلال فقير ٽالپر ٿر جي ويران ڀٽن تي ڪيترائي ڏينهن مراقبي ۾ ويٺو هوندو هو. ساڻس ماني ۽ پاڻي وغيرہ بہ بلڪل نہ هوندا هئا. وٽس فقط کارڪون هونديون هيون، جن مان روزانو کارڪون کائي گذارو ڪندو هو. وٽس ڪي مريد يا ٻيا ماڻهو گهڻو ڪجهہ کڻي ويندا هئا. پر هي وٽانئن سواءِ پاڻيءَ جي ٻيو ڪجهہ ڪين وٺندو هو. دنيا جي هر لالچ کان پاسيرو رهندو هو. هر ساھہ واري شيءِ کي تڪليف پهچائڻ وڏو گناھہ سمجهندو هو. اهو ئي سبب هو جو وڏن وڏن سفرن ڪرڻ جي باوجود هن فقير ڪڏهن بہ وهٽ تي سواري نہ ڪئي. بلڪہ ٻين کي بہ جانورن تي سواري ڪرڻ ۽ کانئن ڪو بہ ڪم وٺڻ کان سختي سان منع ڪندو هو. هن هڪ سئو سالن کان وڏي ڄمار ۾ سن 1329ھہ/1911ع ۾ وفات ڪئي.



لفظ جلال فقير ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1220.00.00  هجري

جلال فقير ٽالپر: صوفي شاعر جلال فقير، 1220هه/1805ع ڌاري پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽالپر وڏا، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو.


1805.00.00  عيسوي

جلال فقير ٽالپر: صوفي شاعر جلال فقير، 1220هه/1805ع ڌاري پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽالپر وڏا، تعلقي ڪوٽڏيجي، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو.


1329.00.00  هجري

جلال فقير ٽالپر؛ هن هڪ سئو سالن کان وڏي ڄمار ۾ سن 1329هه/1911ع ۾ وفات ڪئي .


1911.00.00  عيسوي

هن هڪ سئو سالن کان وڏي ڄمار ۾ سن 1329هه/1911ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خميسو خان استاد
ڀٽي مخدوم محمد صالح
غلام سرور جتوئي
مير ٺارو خان ٽالپر
صالح بن عبدالرحمــٰن
ظھير مهدي
چاچڪ شيخ مغل
ثاقب منگي
ديبلي ابو محمد حسن بن حامد
خفيف II
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون