جلال (لوڪ گيت): هيءُ لوڪ گيت ٿرپارڪر واري حصي ۾ زالون وندر ورونھہ طور ڳائينديون آهن. هن گيت جو موضوع مجاز ۽ محبت تي آڌاريل هوندو آهي. وڇوڙو ۽ محبوب سان ملڻ جي سڪ هن لوڪ گيت جا مرڪزي مضمون آهن. هن گيت جي پس منظر ۾ هڪ عورت پنھنجي ور جلال خان جو انتظار ڪندي نظر اچي ٿي ۽ هوءَ انتظار ڪندي عمر ڪوٽ، ڀٽي ذات ۽ ملتان جي ڇيٽ جي ساراھہ پڻ ڪري ٿي. هن گيت ۾ ”جلال“ جو ذڪر تمام گهڻو ڪيل هوندو آهي. ان ڪري ئي هن لوڪ گيت کي ”جلال“ ۽ ”جلالو“ چيو وڃي ٿو. هي ٻئي ساڳئي مقصد ۽ معنيٰ وارا لوڪ گيت آهن. هن گيت جو شعر نموني طور هيٺ ڏجي ٿو.
هان ري جلال خان! ديسان ۾ ديس ڀلو امراڻو
اوڙي جلال خان! ملڪن ۾ سٺو ملڪ امرڪوٽ آهي
مرگها نيڻي را جلال
(هرڻ جهڙن نيڻن وارا جلال)