جلال محمد مخدوم

جلال محمد مخدوم: مخدوم جلال محمد وڏو عالم، فاضل ۽ ولي، مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جو صحبتي ۽ همعصر هو، هو وڏو مدرس، فقيھہ، عالم، نجوم ۽ طب جي علمن جو ڄاڻو هو. اٿڻي ويهڻيءَ ۾ سادو هو. مير علي شير قانع ٺٽوي هن بابت تحفة الڪرام ۾ لکي ٿو تہ: ”مخدوم جلال محمد وڏو عالم، تقرير ۽ تحرير جو ڌڻي، پنھنجي زماني ۾ بينظير ٿي گذريو آهي، هن جهڙو سڀني علمن جو جامع ٻيو ڪو نہ هو. ”مخدوم محمد معين ٺٽوي، مخدوم جلال محمد کي اڪثر عالمن تي نهايت فوقيت ڏيندو هو، هو عالم هو پر نجوم ۽ طب ۾ بقراط ثاني ۽ بو علي اول هو. ايڏي ڪمال جي درجي تي هوندي بہ عام ماڻهن وانگر نهايت سادگيءَ سان زندگي گذاريندو هو ۽ دولتمندن کي پاڻ ڏانهن متوجهہ ٿيڻ جو موقعو نہ ڏيندو هو. ٿورا سال ٿيندا جو گذاري ويو آهي“. مير علي شير قانع، تحفة الڪرام 1181ھہ/1767ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ مخدوم جلال محمد جي وفات 1172ھہ/ 1758ع ۾ ڄاڻائي وئي آهي، پر پير حسام الدين راشدي هن جي رحلت جو سال 76-1177ھہ/ 1762ع ڄاڻايو آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1758.00.00  عيسوي

مير علي شير قانع ، تحفة الڪرام 1181هه/1767ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ مخدوم جلال محمد جي وفات 1172هه/ 1758ع ۾ ڄاڻائي وئي آهي ، پر پير حسام الدين راشدي هن جي رحلت جو سال 76-1177هه/ 1762ع ڄاڻايو آهي


1172.00.00  هجري

مير علي شير قانع ، تحفة الڪرام 1181هه/1767ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ مخدوم جلال محمد جي وفات 1172هه/ 1758ع ۾ ڄاڻائي وئي آهي ، پر پير حسام الدين راشدي هن جي رحلت جو سال 76-1177هه/ 1762ع ڄاڻايو آهي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابراهيم آڌيلو
الھبچايو لاسي
عبدالله مڪاني
جوڻيجو شاهنواز
آخوند حاجي دين محمد
برهان فقير
اي بي حليم
سر اليگزينڊر فليمنگ
بھاول خان عباسي5
سرائي محمد صالح خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون