جلال محمد هالائي مخدوم: مخدوم جلال محمد هالائي، مخدوم نوح جي پٽن مان هڪ بزرگ ٿي گذريو آهي، مخدوم جلال بابت تحفته الڪرام جو مصنف لکي ٿو تہ: ”مخدوم جلال بزرگي، معروف محاسن ۽ بيشمار ڪمالات جو ماهر هو“. مخدوم جلال محمد عرف ’جنگ جلال‘ وڏي جاھہ و جلال ۽ رعب تاب وارو بزرگ هو، سندس نالو جلال محمد هو، پر عام طرح جنگ جلال جي نالي مشھور ٿيو، انهي ڪري سندس اولاد پاڻ کي ’جلالي پير‘ سڏرائيندو آهي. دليل الذاڪرين جو مصنف لکي ٿو تہ: ”هڪ دفعي هڪ ماڻهوءَ تي ٺٽي جي گورنر شاد خان ڳرو ڏنڊ وڌو، اهو ماڻهو ڏنڊ گهٽ ڪرائڻ لاءِ مخدوم جلال محمد کي ٺٽي جي گورنر ڏانهن وٺي ويو، مگر شاد خان مخدوم صاحب جو چوڻ نہ ڪيو جنهن تي مخدوم صاحب فرمايو تہ هي ماڻهو سنڌ جي حڪومت جي لائق نہ آهي تنهنڪري هن کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي سيد امير خان (ابو البقا امير خان) کي گهرايو وڃي. مخدوم جلال جي انهيءَ گفتگو کان پوءِ ستت ئي شاد خان جي بدلي ٿي ۽ ٺٽي تي امير خان مقرر ٿيو.
مخدوم جلال محمد جي ولادت ۽ وصال جون تاريخون ملي نہ سگهيون آهن، پر پاڻ 1642ع تائين جيئرو هو. وفات کانپوءِ کيس پنھنجي والد غوث الحق مخدوم نوح جي درگاھہ ۾ دفنايو ويو. جڏهن درياھہ اٿلڻ سبب مزارون لڏائي موجودہ هنڌ هالا نوان ۾ درگاھہ قائم ڪئي وئي تہ مخدوم جلال کي مخدوم نعمت ﷲ واريءَ چوڪنڊي ۾ دفنايو ويو جتي اڄ بہ سندن مزار موجود آهي.