جلال کٽي

جلال کٽي: جلال کٽي پهريون استاد شاعر هو، جنهن پنھنجي انوکي تخيل ۽ جادو بيانيءَ سان ”سنڌي سينگار“ شاعريءَ کي اوج تي پھچايو ۽ سنڌي شاعريءَ جي دائري ۾ ان کي هڪ مستقل فن جي حيثيت ڏني. جلال کٽيءَ بابت لسٻيلي، ڪراچي ۽ ٺٽي ضلعي جي اڪثر سگهڙن جي متفقه راءِ آهي تہ هو ٺٽي ضلعي جو ويٺل هو. ڪن خاص معتبر راين جي خيال ۾ تہ هو تعلقي ميرپور ساڪري جي قديم ڳوٺ ”گروڙا“ جو ويٺل هو. دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي سگهڙن جي متفقه راءِ آهي تہ جلال کٽي دادو ضلعي جي ڳوٺ موندر جو ويٺل هو. ۽ ڪن جو خيال آهي تہ هو جوهي تعلقي ۾ ’ڊرگهه بالا‘ جو رهاڪو هو. جيتوڻيڪ هن سلسلي ۾ اڃا تائين ڪا يقيني راءِ قائم ڪري نہ ٿي سگهجي تہ بہ هيٺين دليلن جي بنياد تي في الحال هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته، غالباً جلال کٽي دادو ضلعي جي ڳوٺ موندر جو رهاڪو هو. پهريون تہ ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي سپھہ سالار شاھہ بھاري جهنجهڻ ۽ قلات جي امير عبدالله خان بروهيءَ جي جنگ بابت جلال ۽ جمن چارڻ هڪ ٻئي کي آمهون سامهون بيت چيا آهن. جيئن تہ ميان نور محمد جي گاديءَ جو شھر خدا آباد هو، جو دادو تعلقي ۾ واقع آهي. جمن چارڻ جا مٽ مائٽ ۽ عزيز بہ دادو ۽ سيوهڻ تعلقن ۾ رهندڙ هئا ۽ خود شاھہ بھارو بہ لاڙڪاڻي ضلعي جو ويٺل هو، جتي سندس مقبرو موجود آهي. انهيءَ ڪري جلال جي سڪونت بہ دادو ضلعي ۾ ٿي. ٻيو تہ جلال جو هڪ بيت حضرت مخدوم بلاول رح جي مدح ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ چيو اٿس تہ: ”بلاولي بحرين مان جن پيتا ’جودي‘ جام“ جيئن تہ حضرت مخدوم بلاولرحه جي درگاھہ شھر دادوءَ کان 6 ميل کن اتر طرف قديم شھر ’باغبان‘ ٽلٽيءَ ۾ آهي ۽ ڳوٺ موندر کي بہ ايترو ئي ويجهو آهي، انهيءَ ڪري جلال جي حضرت مخدوم بلاول سان هيءَ عقيدت پڻ موندر ۾ سندس جاءِ سڪونت هجڻ جي تائيد ڪري ٿي. ٽيون ته، دادو تعلقي ۾ هيءَ روايت عام آهي تہ جلال، ’پير ترهي‘ جي مقام ۾ دفن ٿيل آهي، جو دادو شھر کان 7 ميل کن اتر ۽ ڳوٺ موندر کان اٽڪل ميل ڏيڍ اتر اولھہ، موجودہ دادو ڪئنال جي لڳو لڳ الهندي ۾ واقع آهي. ’پير ترهي‘ جي سجادہ نشينن قريشي پيرن، ٻين عام ماڻهن ۽ خاص طرح اتي جي عمر رسيدہ ماڻهن جو چوڻ آهي تہ: ”اسان وڏن کان ٻڌندا ٿا اچون تہ جلال موندري جو ويٺل هو ۽ سندس قبر پير ترهي تي آهي جا اسان ننڍي هوندي صحيح سلامت بيٺل ڏٺي هئي، جنهن تي ماڻهو اچي ختما پڙهندا هئا. البته درويش پير طرهي جي نالي سببان سندس شھرت ڪانہ ٿي. هن وقت سندس قبر واريءَ جاءِ تي فقط هڪ پٿر جو نشان باقي آهي“. اها نشاني پير ترهي جي مقبري جي آڏو وڏي صحن ۾ ڏکڻ اوڀر طرف بيٺل وڻن جي هيٺ هڪ جهوني ٻٻر جي وڻ جي پاڙ ۾ آهي، جتي سواءِ هڪ پٿر جي نشان جي ٻيو ڪو بہ ڪتبو موجود ڪونهي. پر تڏهن بہ هن مقامي روايت کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. جلال ۽ جمن چارڻ جيڪي بيت هڪٻئي کي سوال جواب ۾ چيا آهن تن جو تعلق انهيءَ جنگ سان آهي، جا ميان نور محمد ڪلهوڙي جي لشڪر ۽ مير عبدالله خان قلات جي واليءَ جي وچ ۾ لڳي جنهن ۾ مير عبدالله خان شھيد ٿي ويو. ميان نور محمد طرفان بھارو جهنجهڻ سپھہ سالار هو، جنهن جي تعريف ڪندي جلال پنھنجي هڪ بيت ۾ چيو تہ: ”بازي بھارو شاھہ، کٽي ويو شير کون“ اها جنگ 1144ھہ/1731ع ۾ لڳي ۽ ان بابت چيل بيتن مان ظاهر آهي تہ جلال هڪ پختہ مشق شاعر هو. جمن چارڻ بہ پنھنجي وقت جو چوٽيءَ جو شاعر هو، جنهن هن جي بيتن جو جواب ڏنو. انهيءَ مان ظاهر آهي تہ جمن ۽ جلال هڪٻئي جا ساٿاري ۽ همعصر درويش هئا. جمن چارڻ 1150ھہ/ 1737ع ۾ وفات ڪئي، يعني شاھہ عبداللطيف کان 14-15 سال اڳ انهيءَ لحاظ سان چئي سگهجي ٿو تہ جمن توڙي جلال، شاھہ سائين جا همعصر هئا. جلال جي زندگيءَ بابت جو پورو پتو پئجي نہ سگهيو آهي. سندس باري ۾ روايتون مشھور آهن تہ هو پنهجو موروثي ڌنڌو ڪندو هو ۽ ڪپڙا ڌوئندو هو. پنهنجن بيتن ۾ ’کٽي‘ توڙي ’رنگريز‘ جو تخلص ڪتب آندو اٿس، جنهن مان سمجهي سگهجي ٿو تہ غالباً جلال دڪان تي ڪپڙن رنڱڻ جو ڪم بہ ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ ڪن بيتن ۾ خاص ڪري ’دڪان‘ جو نالو وري وري آندو اٿس، مثلاً: ”دؤڙي ون دڪان تي، ڪھہ پڇ ڪاريگر.“ ”دؤڙي ون دڪان تي، هٿ ٻڌي ڪر حال.“ ”دل اُجار دڪان تي، ديک وڃي داناءَ.“ جلال جي ذاتي طور نبي ڪريم صلي عليہ وسلم سان لنؤ لڳل هئي ۽ انهيءَ حقيقي محبت کيس آخر نيئي عارفانہ منزل تي پھچايو. سندس شگفتہ طبيعت، تيز ذهن، سنڌي زبان تي عبور ۽ ٻين ٻولين جي لغت کان واقفيت شروع کان ئي کيس سنڌي شاعريءَ جي مختلف مضمونن ۽ عنوانن ڏانهن متوجهہ ڪيو، جن مان هر هڪ ۾ هن پنهنجا جوهر ڏيکاريا. مطلب تہ جلال نہ فقط هڪ اعليٰ پايي جو شاعر هو، پر پنھنجي وقت جي هنرمند شاعرن جو سرواڻ ۽ سرتاج هو ۽ عام سگهڙن جو سالار هو. سنڌي زبان ۾ ’فن سگهڙپائي‘ جو تہ ڄڻ باني مباني هو. فن ’هنر‘ بہ کانئس هليو تہ ’ڏهسنامه‘ جي ڏاهپ بہ وٽانئس شروع ٿي، جنهن جي پوءِ هر ڏس ۾ ڏاھہ پئجي وئي. ان ’ڏهسنامه‘ جي ڏاهپ سان هن سنڌي شاعريءَ جي فن ’سينگار‘ کي ويتر وڌيڪ سينگاري اوج ۽ ڪمال تي پھچايو.


لفظ جلال کٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو