جلال کٽي

جلال کٽي: جلال کٽي پهريون استاد شاعر هو، جنهن پنهنجي انوکي تخيل ۽ جادو بيانيءَ سان ”سنڌي سينگار“ شاعريءَ کي اوج تي پهچايو ۽ سنڌي شاعريءَ جي دائري ۾ ان کي هڪ مستقل فن جي حيثيت ڏني. جلال کٽيءَ بابت لسٻيلي، ڪراچي ۽ ٺٽي ضلعي جي اڪثر سگھڙن جي متفقه راءِ آهي ته هو ٺٽي ضلعي جو ويٺل هو. ڪن خاص معتبر راين جي خيال ۾ ته هو تعلقي ميرپور ساڪري جي قديم ڳوٺ ”گروڙا“ جو ويٺل هو. دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي سگھڙن جي متفقه راءِ آهي ته جلال کٽي دادو ضلعي جي ڳوٺ موندر جو ويٺل هو. ۽ ڪن جو خيال آهي ته هو جوهي تعلقي ۾ ’ ڊرگھه بالا‘ جو رهاڪو هو. جيتوڻيڪ هن سلسلي ۾ اڃا تائين ڪا يقيني راءِ قائم ڪري نه ٿي سگھجي ته به هيٺين دليلن جي بنياد تي في الحال هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته، غالباً جلال کٽي دادو ضلعي جي ڳوٺ موندر جو رهاڪو هو. پهريون ته ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي سپهه سالار شاهه بهاري جھنجھڻ ۽ قلات جي امير عبدالله خان بروهيءَ جي جنگ بابت جلال ۽ جمن چارڻ هڪ ٻئي کي آمهون سامهون بيت چيا آهن. جيئن ته ميان نور محمد جي گاديءَ جو شهر خدا آباد هو، جو دادو تعلقي ۾ واقع آهي. جمن چارڻ جا مٽ مائٽ ۽ عزيز به دادو ۽ سيوهڻ تعلقن ۾ رهندڙ هئا ۽ خود شاهه بهارو به لاڙڪاڻي ضلعي جو ويٺل هو، جتي سندس مقبرو موجود آهي. انهيءَ ڪري جلال جي سڪونت به دادو ضلعي ۾ ٿي. ٻيو ته جلال جو هڪ بيت حضرت مخدوم بلاول رح جي مدح ۾ ملي ٿو، جنهن ۾ چيو اٿس ته: ”بلاولي بحرين مان جن پيتا ’جودي‘ جام“ جيئن ته حضرت مخدوم بلاولرحه جي درگاهه شهر دادوءَ کان 6 ميل کن اتر طرف قديم شهر ’باغبان‘ ٽلٽيءَ ۾ آهي ۽ ڳوٺ موندر کي به ايترو ئي ويجھو آهي، انهيءَ ڪري جلال جي حضرت مخدوم بلاول سان هيءَ عقيدت پڻ موندر ۾ سندس جاءِ سڪونت هجڻ جي تائيد ڪري ٿي. ٽيون ته، دادو تعلقي ۾ هيءَ روايت عام آهي ته جلال، ’پير ترهي‘ جي مقام ۾ دفن ٿيل آهي، جو دادو شهر کان 7 ميل کن اتر ۽ ڳوٺ موندر کان اٽڪل ميل ڏيڍ اتر اولهه، موجوده دادو ڪئنال جي لڳو لڳ الهندي ۾ واقع آهي. ’پير ترهي‘ جي سجاده نشينن قريشي پيرن، ٻين عام ماڻهن ۽ خاص طرح اتي جي عمر رسيده ماڻهن جو چوڻ آهي ته: ”اسان وڏن کان ٻڌندا ٿا اچون ته جلال موندري جو ويٺل هو ۽ سندس قبر پير ترهي تي آهي جا اسان ننڍي هوندي صحيح سلامت بيٺل ڏٺي هئي، جنهن تي ماڻهو اچي ختما پڙهندا هئا. البته درويش پير طرهي جي نالي سببان سندس شهرت ڪانه ٿي. هن وقت سندس قبر واريءَ جاءِ تي فقط هڪ پٿر جو نشان باقي آهي“. اها نشاني پير ترهي جي مقبري جي آڏو وڏي صحن ۾ ڏکڻ اوڀر طرف بيٺل وڻن جي هيٺ هڪ جھوني ٻٻر جي وڻ جي پاڙ ۾ آهي، جتي سواءِ هڪ پٿر جي نشان جي ٻيو ڪو به ڪتبو موجود ڪونهي. پر تڏهن به هن مقامي روايت کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. جلال ۽ جمن چارڻ جيڪي بيت هڪٻئي کي سوال جواب ۾ چيا آهن تن جو تعلق انهيءَ جنگ سان آهي، جا ميان نور محمد ڪلهوڙي جي لشڪر ۽ مير عبدالله خان قلات جي واليءَ جي وچ ۾ لڳي جنهن ۾ مير عبدالله خان شهيد ٿي ويو. ميان نور محمد طرفان بهارو جھنجھڻ سپهه سالار هو، جنهن جي تعريف ڪندي جلال پنهنجي هڪ بيت ۾ چيو ته: ”بازي بهارو شاهه، کٽي ويو شير کون“ اها جنگ 1144هه/1731ع ۾ لڳي ۽ ان بابت چيل بيتن مان ظاهر آهي ته جلال هڪ پخته مشق شاعر هو. جمن چارڻ به پنهنجي وقت جو چوٽيءَ جو شاعر هو، جنهن هن جي بيتن جو جواب ڏنو. انهيءَ مان ظاهر آهي ته جمن ۽ جلال هڪٻئي جا ساٿاري ۽ همعصر درويش هئا. جمن چارڻ 1150هه/ 1737ع ۾ وفات ڪئي، يعني شاهه عبداللطيف کان 14-15 سال اڳ انهيءَ لحاظ سان چئي سگھجي ٿو ته جمن توڙي جلال، شاهه سائين جا همعصر هئا. جلال جي زندگيءَ بابت جو پورو پتو پئجي نه سگھيو آهي. سندس باري ۾ روايتون مشهور آهن ته هو پنهجو موروثي ڌنڌو ڪندو هو ۽ ڪپڙا ڌوئندو هو. پنهنجن بيتن ۾ ’کٽي‘ توڙي ’رنگريز‘ جو تخلص ڪتب آندو اٿس، جنهن مان سمجھي سگھجي ٿو ته غالباً جلال دڪان تي ڪپڙن رنڱڻ جو ڪم به ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته ڪن بيتن ۾ خاص ڪري ’دڪان‘ جو نالو وري وري آندو اٿس، مثلاً: ”دؤڙي ون دڪان تي، ڪهه پڇ ڪاريگر.“ ”دؤڙي ون دڪان تي، هٿ ٻڌي ڪر حال.“ ”دل اُجار دڪان تي، ديک وڃي داناءَ.“ جلال جي ذاتي طور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم سان لنؤ لڳل هئي ۽ انهيءَ حقيقي محبت کيس آخر نيئي عارفانه منزل تي پهچايو. سندس شگفته طبيعت، تيز ذهن، سنڌي زبان تي عبور ۽ ٻين ٻولين جي لغت کان واقفيت شروع کان ئي کيس سنڌي شاعريءَ جي مختلف مضمونن ۽ عنوانن ڏانهن متوجهه ڪيو، جن مان هر هڪ ۾ هن پنهنجا جوهر ڏيکاريا. مطلب ته جلال نه فقط هڪ اعليٰ پايي جو شاعر هو، پر پنهنجي وقت جي هنرمند شاعرن جو سرواڻ ۽ سرتاج هو ۽ عام سگھڙن جو سالار هو. سنڌي زبان ۾ ’فن سگھڙپائي‘ جو ته ڄڻ باني مباني هو. فن ’هنر‘ به کانئس هليو ته ’ڏهسنامه‘ جي ڏاهپ به وٽانئس شروع ٿي، جنهن جي پوءِ هر ڏس ۾ ڏاهه پئجي وئي. ان ’ڏهسنامه‘ جي ڏاهپ سان هن سنڌي شاعريءَ جي فن ’سينگار‘ کي ويتر وڌيڪ سينگاري اوج ۽ ڪمال تي پهچايو.


لفظ جلال کٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو