جلاپا (کسي هريڙ): هيءَ هڪ قسم جي پاڙ آهي، جيڪا پسارڪي وکر طور ڪتب اچي ٿي. هيءَ پاڙ آمريڪا جي رياست ميڪسيڪو جي شھر جلاپا ۾ تمام گهڻي ٿئي ٿي، تنهن ڪري ان نالي سان مشھور آهي. ان سان گڏ هندستان جي نيل گُري علائقي ۾ هن جي باقائدي پوک ڪئي وڃي ٿي. هن جي پاڙ بيڊولي هوندي آهي، جنهن تي ڪڏهن ننڍا گول داڻا ٿين ٿا ۽ ڪڏهن هيءَ وڏن ٽڪرن جي صورت ۾ ٿيندي آهي، ڏسڻ ۾ بدشڪل هوندي آهي ۽ رنگ بہ اڻ وڻندڙ هلڪو خاڪي هوندو آهي. هيءَ برصغير ۾ تمام دير سان پهتي پر ايترو مقبول ٿي وئي جو هاڻي اڪثر گهرن ۾ استعمال ٿئي ٿي. جلاپا کي انگريزيءَ ۾ ’Talijo‘ ۽ لاطينيءَ ۾ ’Exogonium Purga‘ چيو وڃي ٿو. هن جو مزاج گرم تر آهي.