احمد علي خان جلباڻي

احمد علي خان جلباڻي

جلباڻي احمد علي خان

جلباڻي احمد علي خان: احمد علي ولد رئيس بخش خان جلباڻيءَ 1946ع ۾ ڳوٺ درياھہ خان جلباڻيءَ ۾ ڀريا سٽيءَ ويجهو موجودہ ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري تعليم ۽ ٻي اعليٰ تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. 1988ع جي اليڪشن ۾ ايم. پي. اي جي سيٽ تي بيٺو، پر ڪامياب ٿي نہ سگهيو. سال 1990ع جي اليڪشن ۾ ايم. پي. اي جي سيٽ تي

اميدوار بيٺو ۽ ڪامياب ٿيو. سندس تعلق جتوئي گروپ سان هو ۽ نوازشريف جي مسلم ليگ جو اتحادي هو. ايم پي اي ٿيڻ کان پوءِ ڄام صادق عليءَ جي دؤر ۾ سماجي بھبود کاتي جو وزير ٿيو. ڄام صادق عليءَ جي وفات کان پوءِ سيد مظفر حسين شاھہ جي وزارت اعليٰ جي دور ۾ کيس پبلڪ هيلٿ انجينئرنگ جو کاتو ڏنو ويو. چيف منسٽر انسپيڪشن ٽيم ۾ بہ شامل رهيو. سال 1993ع جي عام اليڪشن ۾ بہ بيٺو، پر ڪامياب ٿي نہ سگهيو. هيءُ سنڌ پراونشل ڪوآپريٽِو بئنڪ جو ميمبر بہ رهيو آهي. ڪراچي ريس ڪورس جو ميمبر بہ هو.

خان جلباڻي'>احمد علي خان جلباڻي، سياسي حوالي سان 2000ع کان پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل آهي.





هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.00.00  عيسوي

جلباڻي احمد علي خان: احمد علي ولد رئيس الله بخش خان جلباڻيءَ 1946ع ۾ ڳوٺ درياهه خان جلباڻيءَ ۾ ڀريا سٽيءَ ويجهو موجوده ضلعي نوشهري فيروز ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سڪندر بلوچ
شعيب منصور
خاطي محمد اسماعيل ڪنڀار ٺٽوي
جلالاڻي ارشاد علي فقير صوفي
ڏاتو کهاوڙ
حڪيم پير عبدالحليم ثاني
غزالا بتول
الياس ٿري
اگهم راجا
پيرزادو عبدالرزاق مولوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون