جلندر (Ascites ):جلندر اهڙي مرض جو نالو آهي، جنهن ۾ پيٽ ۾ پاڻي گڏ ٿي ويندو آهي. هيءُ مرض گهڻو ڪري جيري جي بيمارين جي ڪري ٿئي ٿو ۽ اسان جي ملڪ ۾ عام آهي. هيءَ بيماري اسان جي ملڪ ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن جھڙوڪ: هندستان، سريلنڪا، انڊونيشيا، ملائشيا، چين ۽ جپان ۾ بہ عام آهي. آفريڪا ۾ هي مرض اوڀر آفريڪا، ڏکڻ آفريڪا، سنيگال ۽ نائيجيريا ۾ عام آهي. الهندن ملڪن ۾ يورپ، اتر آمريڪا، ڏکڻ آمريڪا ۽ خاص ڪري چليءَ ۾ بہ هي مرض ڪافي عام آهي. طبي تاريخ جي مشاهدي مان معلوم ٿئي ٿو تہ هيءُ نهايت پراڻو مرض آهي، جنهن جو ذڪر قديم طبي ڪتابن ۾ ٿيل آهي. طبي تاريخ شاهد آهي تہ قديم مصري طب جا ماهر تقريباً 1500ق.م ان ڳالھہ کان واقف هئا تہ جيري جي بيماريءَ جي ڪري پيٽ ۾ گهڻي مقدار ۾ پاڻي جمع ٿي سگهي ٿو. اٽڪل 250 سال ق.م ايريسسٽريٽس (Erisistratus) اهو مشاهدو ڪيو تہ جن مريضن جو جيرو سخت ٿي سڪي وڃي ٿو تہ اهڙن مريضن جي پيٽ ۾ ڪافي پاڻي جمع ٿي وڃي ٿو. 20 ق.م ۾ سيلس (Celsus) هن مرض جو علاج اهو تجويز ڪيو تہ اهڙن مريضن جي پيٽ مان پاڻي ڪڍجي تہ اهي ٺيڪ ٿي ويندا. پال آف ايگينا (Paul of Aegina) اهو پهريون شخص هو، جنهن ستين صدي عيسويءَ ۾ ٽامي جي ٺهيل هڪ نلي مريض جي پيٽ ۾ وجهي پاڻي ڪڍيو ۽ اهڙي طرح سيلس جي تجويز جو عملي ثبوت مهيا ڪيو. جيڪا هن 20 ق.م ڏني هئي. هي مرض مختلف صدين ۾ مختلف نالن سان سڏيو ويو، پر هن بيماريءَ جو نالو ’Ascites‘، جيڪو هاڻي سموري دنيا ۾ مڃيو وڃي ٿو، ٽريويز (Trevisa) نالي هڪ شخص 1398ع ڌاري وڌو. هن اهو لفظ ايسڪوس (Askos) مان ورتو، جنهن جي معنيٰ آهي: ٿيلهو. جلندر جو مرض مختلف سبب جي ڪري ٿئي ٿو، جيڪي هن ريت آهن:
1.
1. جيري جون بيماريون: هي بيماريون ئي گهڻو ڪري جلندر جو مرض پيدا ڪنديون آهن. جيري جي سڀني بيمارين مان سڀ کان مکيہ بيماري آهي، جيري جو سڪي سخت ٿي وڃڻ، جنهن کي ’Cirrhosis of Liver‘ چئبو آهي. ان کان سواءِ جيري جي ٻين بيمارين ۾ بہ پيٽ ۾ پاڻي پئجي سگهي ٿو. انهن ۾ سائي يا ڪامڻ (Hepatitis Viral) جيري ۽ مغز جي ڪن حصن ۾ ٽامي جا ذرا گڏ ٿي وڃڻ، جيري جو ناسور، پتي ۽ پتي جي نالين جون بيماريون شامل آهن:
2.
سلھہ جو مرض،
3.
مختلف قسمن جا پيٽ جا ناسور،
4.
بڪين جون بيماريون،
5.
دل جو پورو ڪم نہ ڪرڻ (CCF).
جلندر جي مرض ۾ پيٽ ۾ پاڻي ڇو ٿو جمع ٿئي؟ ان جا ٻہ وڏا سبب آهن:
1.
جيرو جيڪو عام طرح ٻين شين سان گڏ چرٻي بہ ٺاهيندو آهي. سو چرٻي ٺاهڻ بند ڪندو آهي يا ڪن بيمارين جي ڪري ٺاهي نہ ٿو سگهندو آهي. نتيجو اهو نڪري ٿو تہ رت جو دٻاءُ (Osmotic Pressure) گهٽ ٿو ٿي وڃي.
2.
جيري ڏانهن رت کڻي وڃڻ واري نس ۾ خون جو دٻاءُ وڌي وڃڻ.
هيءُ مرض گهڻو ڪري آهستي آهستي شروع ٿيندو آهي، پر ڪن حالتن ۾ هڪدم ۽ تڪڙو بہ شروع ٿي سگهي ٿو. مريض گهڻو ڪري اها شڪايت ڪندو آهي تہ سندس پيٽ آهستي آهستي وڌي رهيو آهي يا سندس ڪپڙا سوڙها ٿيندا ٿا وڃن ۽ کيس بار بار ويڪرا ڪپڙا ٺهرائڻا پون ٿا. ڪن حالتن ۾ اهو بہ ٿي سگهي ٿو تہ مريض کي پيٽ جي وڌڻ جي پروڙ بلڪل نہ ٿي پوي. هن ۾ اهڙا مريض شامل آهن، جيڪي ٿلها هوندا آهن يا سندن اهڙي حالت هوندي آهي، جو سندن پيٽ ۾ پاڻي آهستي آهستي گڏ ٿيندو ويندو آهي. آهستي آهستي پيٽ وڌڻ جي ڪري پاسن ۾ ڇڪ ٿيندي آهي ۽ ڪي مريض ڪرنگهي جي هيٺين پاسي سور بہ محسوس ڪندا آهن. جلندر جي مريض کي بدهضميءَ جي عام شڪايت هوندي آهي، ان کان سواءِ پيٽ جي مٿئين حصي ۾ ڇاتيءَ جي وچ واري هڏي جي پٺيان ساڙو پيدا ٿيندو آهي. دل ڪچي ٿيڻ، الٽي اچڻ، بک نہ لڳڻ ۽ پيٽ ۾ سور جون عام شڪايتون آهن. تمام گهڻي پاڻي گڏ ٿيڻ جي حالت ۾ ساھہ کڻڻ ۾ رڪاوٽ ۽ ڏکيائي بہ ٿيندي آهي. ان سان گڏ گهڻن مريضن کي پيرن ۽ ڄنگهن تي سوڄ بہ پيدا ٿيندي آهي، جنهنڪري بوٽ پائڻ ۾ ۽ ڪن حالتن ۾ گهمڻ ۾ بہ تڪليف پيدا ٿيندي آهي. ڪن مريضن ۾ سائي بہ هوندي آهي. پيشاب گهٽ ايندو آهي ۽ قبضيءَ جي شڪايت بہ عام ٿيندي آهي. ڪن مريضن کي موڪا بہ ٿي پوندا آهن، جن مان رت وهڻ ڪري مريض ڪافي ڪمزوري محسوس ڪندو آهي. ڪن مريضن کي وات مان رت بہ ايندو آهي. کنگهہ، بخار ۽ ڪمزوري پڻ عام شڪايتون آهن. جلندر جي مريض جو منهن سنهڙو ٿي ويندو آهي. جڏهن تپاس ڪبي آهي تہ هيءُ نشانيون نظر اينديون آهن:
1.
منهن جا هڏا نڪتل، چمڙي ۽ زبان خشڪ، اکيون اندر پيٺل ۽ ٻانھون گوشت ڳري وڃڻ جي ڪري سنهڙيون هونديون آهن.
2.
پيٽ وڌيل نظر ايندو آهي ۽ پيٽ جي کل چلڪندڙ ۽ سنهي ٿي ويندي آهي، جنهن مان نسون ظاهر ٿينديون آهن. ڪن جي پيٽن تي تہ ڏنڀن جيان نشان بہ نظر ايندا آهن ۽ دن ٻاهر نڪتل هوندو اٿن.
3.
ڪن مريضن کي ڇن بہ ٿئي. ڪن مريضن جي پيٽ مٿان اڇيون ليڪون بہ نظر اينديون آهن. ڪن حالتن ۾ ڦڦڙن جي پردي ۾ پاڻي بہ ڀرجي ويندو آهي. پيرن تي، خاص طرح مرين ۽ ٽنگن تي سوڄ ٿيندي آهي.
4.
جيرو وڌي وڃڻ ۽ پٿر جهڙو سخت ٿيڻ، گهڻن مريضن ۾ تري وڌيل هوندي آهي، رت جي گهٽتائيءَ ڪري دل جي رفتار جو وڌي وڃڻ ۽ پيٽ ۾ پاڻيءَ جي ڪري دل جو مٿي کڄي وڃڻ، جلندر جي سڃاڻپ لاءِ هيٺيون تپاسون مددگار ٿينديون آهن:
1.
پيٽ مان سئيءَ وسيلي ٿورڙو پاڻي ڪڍي، ان جي تپاس (Diagonstic Aspiration). ڪبي آهي. پيٽ مان نڪتل پاڻيءَ ۾ هيٺيون خاص ڳالهيون هونديون آهن. (الف) رنگ هلڪو سائو، ليمي جي پاڻيءَ جهڙو هيڊو يا ڳوڙهو سائو هوندو آهي. جيري جي ناسور ۾ رنگ ڳاڙهو هوندو آهي. (ب) مقدار ڪجهہ سؤ ملي لٽرن کان اٽڪل ستر لٽرن تائين هوندو آهي. (ج) پروٽين 1 کان ٻہ گرام هوندي آهي، سلھہ جي مرض ۾ اٽڪل 4 گرام يا ان کان بہ وڌيڪ هوندي آهي. (د) باريڪ بين جانچ ذريعي جيري جي بيمارين ۾ ڪجهہ جزا نظر ايندا آهن، پر سلھہ جي مرض ۾ اهي جزا گهڻو وڌي ويندا آهن. ’جيري جي ناسور‘ ۾ ناسور وارا جزا خاص طرح ڏسڻ کپن. (ھہ) جيري جي بيمارين ۾ جيوڙا گهڻو ڪري نظر نہ ايندا آهن، البت سلھہ جي مرض ۾ ’سلھہ جو جيوڙو‘ خاص طرح ڏسڻ گهرجي.
2.
پيشاب جي تپاس: پيشاب جو مقدار گهٽجي ويندو آهي، ڪن حالتن ۾ پيشاب ۾ چرٻي بہ اچي سگهي ٿي ۽ لوڻ گهٽجي ويندو آهي.
3.
جيري جي ڪم ڏسڻ جون تپاسون: جھڙوڪ رت ۾ سائيءَ جو مقدار (Serun Bilirubin) ۽ رت ۾ پروٽين جو مقدار (Plasma Proteins).
4.
ايڪسري (Radiology: (i) ڇاتيءَ جو فوٽو، خاص طرح جيري جي بيمارين ۽ سلھہ جي مرض ۾، (ii) کاڌي جو اڇي دوا پيارڻ کان پوءِ فوٽو (Oesophagogram)، (iii) تريءَ ۽ رت جي نالين (نسن) ۾ دوا داخل ڪري فوٽو وٺڻ (Lostope Liver Scanning)، (IV) سئي هڻي جيري جي مادي جي تپاس (Needle Biopsy of Liver).
وڌيڪ خرابيون (Complications) هيٺ بيان ڪجن ٿيون:
1.
بيهوشي طاري ٿيڻ: هيءَ هڪ خطرناڪ علامت آهي. هن حالت ۾ آنڊي مان آندل زهريليون شيون جيري ۾ صاف ٿيڻ بجاءِ، رت جي نالين وسيلي سڌو دماغ ۾ پهچي، خراب اثر پيدا ڪن ٿيون ۽ مريض تي بيهوشي طاري ٿي وڃي ٿي.
2.
وات مان رت اچڻ (Haematemesis ):هيءَ بہ هڪ خطرناڪ خرابي آهي. هن جو سبب هيءُ آهي تہ کاڌي جي ناليءَ جي هيٺين حصي جون نسون ڦاٽي پونديون آهن ۽ وات مان رت ايندو آهي.
علاج: هن بيماريءَ ۾ آرام ڪرڻ ۽ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ گهرجي. جلندر جي مريض لاءِ آرام ضروري آهي ۽ جيترو ٿي سگهي تہ اهڙن مريضن کي علاج لاءِ اسپتال ۾ داخل ڪيو وڃي. اسپتال ۾ رهڻ لاءِ ڪا خاص مدت درڪار نہ هوندي آهي، پر مريض کي ايستائين آرام ڪرائڻ ضروري آهي، جيستائين سندس سوڄ لهي، پيٽ ۾ پاڻي گهٽ ٿئي ۽ مريض جي عام حالت سڌري. بيماريءَ دوران مريض جي روز تور وٺجي ۽ پيشاب ۽ پاڻي پيئڻ جي مقدار جو اندازو 24 ڪلاڪن جو پني تي درج ڪيو وڃي. کاڌي ۾ لوڻ جو مقدار گهٽائڻ نهايت لازمي آهي، پر جيئن تہ اسان جي ملڪ جي گهڻن علائقن ۾ مريضن کي پگهر وغيرہ نڪرڻ ڪري بدن مان لوڻ ڪافي ضايع ٿو ٿئي، ان ڪري کاڌي ۾ لوڻ بلڪل بند ڪرڻ مناسب نہ آهي، پر ان جي بجاءِ گهٽ لوڻ وارو کاڌو (Salt Restricted Diet) مريض کي کارائجي، جنهن ۾ مريض چڱن ڀلن جي ڀيٽ ۾ لوڻ جو چوٿون حصو يا وڌ ۾ اڌو اڌ استعمال ڪري. اها پابندي ايستائين ضروري آهي، جيستائين مريض جي جسم تان سوڄ لھي وڃي ۽ پيٽ مان پاڻي ختم ٿي وڃي. پيشاب نيڪال ڪندڙ دوائون، پيٽ مان پاڻيءَ کي سڪائڻ لاءِ ڪتب اينديون آهن ۽ مختلف دوائون استعمال ڪيون وينديون آهن.