جلوالي: محمد بن قاسم جي ڪاھہ وقت ’جلوالي‘ مهراڻي درياھہ جي ڪا هڪ ننڍي شاخ هئي. چچ نامي جي اصل فارسي متن ۾ ”جوئي جلوالي“ ڪري ڄاڻايل آهي. يعني ”جلواليءَ جو ڍورو“. ان مان ظاهر ٿئي ٿو تہ اها شاخ برهمڻ آباد شھر جي اڀرندي طرف وهندڙ هئي ۽ محمد بن قاسم برهمڻ آباد تي چڙهائي وقت هن جي ڪناري تي اچي ڪئمپ لڳائي هئي ۽ پوءِ آهستي آهستي ڦري ’جرواري‘ ۽ ’ڄراڙي‘ وٽ رسيو هو. ڄراڙي جو ڳوٺ شھدادپور کان 10 ميل اوڀر طرف اڄ ڏينهن تائين مهراڻ جي قديم ڍوري يا شاخ جي قديم نالي جي يادگار طور موجود آهي. ميجر جنرل هيگ جنهن 1873ع ۾ مهراڻ جي مڙني ڍورن جي ماپ ڪئي. جلوالي شاخ جي پيٽ جو عرب جاگرافيائي نويسين جي بيانن ۽ پنھنجي معائني جي بنياد تي پورو پورو پتو ڏنو آهي، اڄ بہ سندس بيان موجب هيءَ شاخ سڪرنڊ کان 10 ميل اوڀر طرف ڪلري وٽان مکيہ درياھہ مان نڪري هيٺ منصوره جي اوڀر پاسي کان وهي (ڏکڻ طرفان ور ڪري) منصوره کان 10 ميل ڏکڻ-اولھہ طرف اچي (مکيہ درياھہ) لوهاڻي ۾ گڏبي هئي. ان جي جملي ڊيگهہ يقيني طور 50 ميل کن هوندي. اها شاخ عرب جاگرافيائي نويسين مهراڻ درياھہ جي پيٽ واري سڌي قطار جي ڏاکڻي حصي ۾ اڌ گول جي صورت ۾ ڏيکاري آهي. انهيءَ قديم ڍوري جا نشان ڪٿي ڪٿي اڃا تائين موجود آهن. هن وقت اهو نالو شھدادپور تعلقي جي هڪ ديھہ جو آهي، جيڪا نوابشاھہ کان 3 ميل اوڀر طرف آهي.