جل نيم: هي پاڻيءَ جي ندين، نالين ۽ گٽرن ويجھو ٿيندڙ ننڍڙي ٻوٽي آهي، جيڪا ٻاروهي سرسبز هوندي آهي. هيءَ ڏهن سينٽي ميٽرن کان ٽيهن سينٽي ميٽر تائين ڊگھي ٿئي ٿي. گھڻوڪري زمين تي پکڙيل هوندي آهي. هن جي هر هڪ ڳري مان پاڙ نڪري ٿي. هن جا پن لوڻڪ جي پنن سان ملندڙ جلندڙ، پر انهن کان ڪجهه ننڍا ٿين ٿا ۽ هن جي هر ڳنڍ وٽ ٻه ٻه پن هوندا آهن، جيڪي ڇهه کان پنجويهه ملي ميٽر ڊگھا ۽ ڏهه کان پنجويهه ملي ميٽر ويڪرا هوندا آهن. هن جو ذائقو ڪڙو ٿئي ٿو. گل پنن جي پاڙ ۾ لڳل هوندا اٿس. هن کي سنسڪرت ۾ سجل اوڀوا، هندي ۽ اردوءَ ۾ جل نيم، بنگالي، برمي ۽ گجراتيءَ ۾ بان، بلوچيءَ ۾ سجوربن ترشڪو، انگريزي ۾ ’Bacoa‘ ۽ لاطينيءَ ۾ ’Herpestismonuiera Bacopamonniera‘ چيو وڃي ٿو. هيءَ سنڌ ۾ اڪثر هنڌن تي ملي ٿي. هن جو مزاج گرم ۽ خشڪ آهي