جمادي الاول

جمادي الاول (اسلامي مهينو): جمادي الاول اسلامي هجري سال جو پنجون نمبر مهينو آهي. ان کي جمادي الاوليٰ بہ چوندا آهن. عربن جڏهن مهينن جا نالا ٿي رکيا، اُن وقت ٿڌ تمام گهڻي هئي ۽ پاڻي بہ ڄمي ٿي پيو. ان ڪري هن مهيني جو نالو (جُمود: ڄمي ويل) جمادي الاول ۽ ان کان پوءِ اچڻ واري مهيني جو نالو جمادي الثاني رکيو ويو. هن کي سنڌي ٻهراڙين ۾ ”پهريون خالي“ مهينو چيو ويندو آهي.
هن مهيني جا خاص واقعا: سنہ 8 هجريءَ ۾ پاڻ ڪريمن صلي عليھ وسلم جن وقت جي بادشاهن ڏانهن اسلام قبول ڪرڻ لاءِ تبليغي خط لکيا. اهڙو هڪ خط مبارڪ، ايران جي بادشاھہ پرويز وٽ پهتو تہ ان بدبخت پاڻ سڳورنصه جي خط کي ڦاڙي ڇڏيو. اهو ٻڌي پاڻ ڪريمن فرمايو تہ اُن جو جسم بہ ائين ئي ٽڪرا ٿيندو. تان جو جمادي الاول سن 8 هجري ۽ ئي اڱاري جي رات ايران جي بادشاھہ پرويز بن هرمز کي سندس پٽ شيرويه قتل ڪيو ۽ سندس جسم جا اوترا ٽڪرا ٿيا. جيترا پرزا اُن نبي پاڪ صلي عليہ وسلم جي خط مبارڪ جا ڪيا هُئا. جنگ موته جو واقعو پڻ سن 8 هجري جمادي الاول مهيني ۾پيش آيو. جڏهن حضور جن صلي عليہ وسلم جن جي خط نيندڙ قاصد حضرت حارث بن عمر رضي عنه کي موته جي مقام وٽ اتان جي حاڪم شرجيل بن عمرو الغساني شھيد ڪيو. (حوالو: مواعظِ حسنہ- جلد-1)


لفظ جمادي الاولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو