جمادي الثاني الآخر

جمادي الثاني / الآخر (اسلامي مهينو): جمادي الآخر اسلامي هجري سال جو ڇهون مهينو آهي. جڏهن هن مهيني جو نالو رکيو ٿي ويو، تڏهن سرديءَ جي موسم جي پڇاڙي هئي، جنهن ۾ سخت سيءُ سبب پاڻي ڄمي برف ٿي پوندو هو. ان ڪري هن مهيني جو اهو نالو تجويز ڪيو ويو. سنڌ ۾ اسلامي مهينن کي سنڌي نالا ڏنا ويا آهن. ’ربيع الاول‘ کي ’عرس‘،
’ربيع الثاني‘ کي ’يارهين‘ تيئن ’جمادي الاول‘ کي ’خالي‘ ۽ ’جمادي الثاني‘ کي ’ٻيو خالي‘ چون، ’رجب‘ کي ’لکانو‘، ’شعبان‘ کي ’براد‘ وغيرہ.
هن مهيني جون خاص ڳالهيون: اسلام ۾ پهريون ڀيرو جيڪا چنڊ گرهڻ ٿي، اها بہ هن مهيني ۾ سنہ 5 هجريءَ ۾ ٿي ۽ پاڻ ڪريمن صلي عليھ وسلم جـن نـمـاز خُـسـوف يـعـنـي چـنڊ گرهڻ جي نماز ادا فرمائي. حضرت سيده بيبي فاطمة الزهرا رضي عنه جي ولادت پڻ جمادي الآخر مهيني ۾ ٿي. حضور نبي ڪريم جي نياڻي حضرت بيبي اُمِ ڪلثوم رضي عنها جي حضرت عثمان غني رضي عنه سان ٿيل نڪاح (شادي) جي رُخصتي جمادي الآخر سن 3 هجريءَ ۾ ٿي. اسلام جي پهرئين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رضي عنه هن دنيا مان 22 جمادي الآخر سن 13 هجري تي پردو مٽايو ۽ ساڳي تاريخ تي حضرت فاروق اعظم امير عمر رضي عنه کي مسلمانن جو ٻيو نمبر خليفو چونڊيو ويو. نائين جمادي الآخر تي حضرت امام جعفر صادق رضي عنه جي ولادت باسعادت ٿي. پندرهين جمادي الآخر تي حضرت عبدالله بن زبير رضي عنه ڪعبة جي پُراڻي ڀت کي شھيد ڪري ڪعبة شريف جي نئين سر تعمير ڪئي. پهرين جمادي الآخر سن 1102ھہ تي حضرت سلطان العارفين سخي سلطان باهو رحمة عليہ وصال فرمايو ۽ 25 جمادي الآخر تي حضرت خواجہ باقي بالله رحمة عليھ جو دهليءَ ۾ عرس مبارڪ ٿيندو آهي ۽ 24 جمادي الآخر 1314ھہ تي چوٿين پير پاڳاري حضرت سيد علي گوهر شاھہ ثاني محافي ڌڻيرح جو وصال ٿيو. (حوالو: مواعظِ حسنہ- جلد-1)


هن صفحي کي شيئر ڪريو