جماعتي راڳ (ڪيسيٽ ):جماعتي راڳ (صوفي راڳ) نالي هڪ ڪئسيٽ، روضـي ڌڻــي چيئر، شاھہ عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور پاران جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جي رڪارڊنگ فقير غلام حيدر غازيءَ جي درگاھہ تي ڪئي وئي هئي ۽ ريسرچ آفيسر روضي ڌڻي چيئر مشتاق احمد نظاماڻيءَ طرفان هيءَ ڪئسيٽ جاري ڪئي وئي آهي. هن ڪئسيٽ ۾ هيٺيون ڏھہ ڪافيون شامل آهن:
(1) ڪنگري دي وچ سھڻا وسدا، (2) ڀلي آيو ڀلي آيو اسان جو پير پاڳارو، (3) صدقو وڃانءِ، واڳ مون ڏي وراءِ، (4) وري سانگي سان لڙي، گهڙي کن گهاري وڃ، (5) ڪانگ ڪر خبرون کريون، مارو ايندا، (6) سيو ني! مين صدقي ٿيو ان سھڻي پڳاري تي، (7) يار ميڏا هر صورت وچ رنگا رنگي، (8) حليمان لون پڇ سگهدي مٺي مدني، (9) هوئي حلال جو ماس، (10) آءُ ويٺي ڪانگ اڏايان، (11) ڏاڍي ڪئي آ ڏيرن.