جماعت اسلامي

جماعت اسلامي

جماعت اسلامي

جماعت اسلامي: هيءَ مذهبي ۽ سياسي پارٽي آهي . جماعت اسلامي جو بنياد 26 آگسٽ 1941ع تي اسلاميہ پارڪ لاهور ۾ جماعت جي باني سيد ابو الاعليٰ مودوديءَ جي رهائشگاھہ تي عمل ۾ آيو . جماعت اسلامي جو پاڪستان جي قيام جي لاءِ جدا رويو هو . هڪ پاسي هيءَ جماعت پنھنجي لٽريچر جي ذريعي ٻہ قومي نظرئي جو پرچار ڪري رهي هئي ۽ ٻئي پاسي پاڪستان جي لاءِ هلندڙ تحريڪ کان الڳ رهي . 1946ع جي چونڊن ۾ ، جنهن جي ڪاميابي تي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جو دارومدار هو ، جماعت اسلاميءَ حصو نہ ورتو ۽ مسلم ليگ يا پاڪستان جي حق ۾ راءِ ڏيڻ کان ڪنارہ ڪشي ڪئي ۽ جڏهن پاڪستان جو قيام ٿيو تہ هن جماعت اهو موقف اختيار ڪيو تہ جيئن تہ مسلم ليگ 1946ع جي چونڊن ۾ ” پاڪستان جو مطلب ڇا: لا اِلــٰھَ اِلالله “ جي نعري تي ڪاميابي ماڻي آهي ، ان ڪري هاڻي پاڪستان کي هڪ مڪمل اسلامي رياست بڻـائڻ نہ صرف حڪمرانن جي ، پر هن جماعت جي بہ ذميواري آهي . هيءَ جماعت مغربيت ، سرمائيداري ، اشتراڪيت ، سيڪيولرزم وغيرہ جي مخالف رهي آهي .


جماعت اسلامي چونڊن ۾ ڪاميابيءَ جي حوالي سان پاڪستان جي ڪا وڏي پارٽي نہ آهي ، پر جنرل ( ر ) پرويز مشرف جي صدر ٿيڻ کان پوءِ جيڪو بلدياتي نظام لاڳو ٿيو ، ان ۾ ڪراچيءَ جو سِٽي ناظم ، جماعت اسلاميءَ جو مولانا نعمت ﷲ چونڊيل هو . ماضي قريب ۾ هن جماعت جو مرڪزي امير ملڪي سماج تي اهم سياسي اڳواڻ جي حيثيت رکندڙ قاضي حسين هو ۽ هينئر هن جماعت جو امير سيد منور حسين آهي .


مشرف دؤر ۾ متحدہ مجلس عمل ( ايم . ايم . اي ) ٺھڻ کان پوءِ ٻين ديني پارٽين سان گڏ جماعت اسلامي بہ وڌيڪ منظر تي رهي .


جماعت اسلاميءَ ۾ عورتن جي شاخ بہ قائم ڪيل آهي . جماعت طرفان اشاعت جو ڪم بہ جاري آهي ، ان سلسلي ۾ اسلام ۽ اخلاقيات تي ڪتابن ۽ ڪئسيٽن جون نمائشون بہ منعقد ڪيون وڃن ٿيون .






لفظ جماعت اسلاميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.08.26  عيسوي

جماعت اسلامي: هيءَ مذهبي ۽ سياسي پارٽي آهي . جماعت اسلامي جو بنياد 26 آگسٽ 1941ع تي اسلاميه پارڪ لاهور ۾ جماعت جي باني سيد ابو الاعليٰ مودوديءَ جي رهائشگاهه تي عمل ۾ آيو



سياسي پارٽيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جماعت اسلامي
آل انڊيا مسلم ليگ
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل
پاڪستان مسلم ليگ
آل انڊيا ڪانگريس
پاڪستان تحريڪِ انصاف
پاڪستان جمهوري پارٽي
پاڪستان پيپلز پارٽي شيرپائو
آل پارٽيز حريت ڪانفرنس
انڊين نيشنل ڪانگريس
سياسي پارٽيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون