
جماعت اسلامي
جماعت اسلامي: هيءَ مذهبي ۽ سياسي پارٽي آهي . جماعت اسلامي جو بنياد 26 آگسٽ 1941ع تي اسلاميہ پارڪ لاهور ۾ جماعت جي باني سيد ابو الاعليٰ مودوديءَ جي رهائشگاھہ تي عمل ۾ آيو . جماعت اسلامي جو پاڪستان جي قيام جي لاءِ جدا رويو هو . هڪ پاسي هيءَ جماعت پنھنجي لٽريچر جي ذريعي ٻہ قومي نظرئي جو پرچار ڪري رهي هئي ۽ ٻئي پاسي پاڪستان جي لاءِ هلندڙ تحريڪ کان الڳ رهي . 1946ع جي چونڊن ۾ ، جنهن جي ڪاميابي تي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جو دارومدار هو ، جماعت اسلاميءَ حصو نہ ورتو ۽ مسلم ليگ يا پاڪستان جي حق ۾ راءِ ڏيڻ کان ڪنارہ ڪشي ڪئي ۽ جڏهن پاڪستان جو قيام ٿيو تہ هن جماعت اهو موقف اختيار ڪيو تہ جيئن تہ مسلم ليگ 1946ع جي چونڊن ۾ ” پاڪستان جو مطلب ڇا: لا اِلــٰھَ اِلالله “ جي نعري تي ڪاميابي ماڻي آهي ، ان ڪري هاڻي پاڪستان کي هڪ مڪمل اسلامي رياست بڻـائڻ نہ صرف حڪمرانن جي ، پر هن جماعت جي بہ ذميواري آهي . هيءَ جماعت مغربيت ، سرمائيداري ، اشتراڪيت ، سيڪيولرزم وغيرہ جي مخالف رهي آهي .
جماعت اسلامي چونڊن ۾ ڪاميابيءَ جي حوالي سان پاڪستان جي ڪا وڏي پارٽي نہ آهي ، پر جنرل ( ر ) پرويز مشرف جي صدر ٿيڻ کان پوءِ جيڪو بلدياتي نظام لاڳو ٿيو ، ان ۾ ڪراچيءَ جو سِٽي ناظم ، جماعت اسلاميءَ جو مولانا نعمت ﷲ چونڊيل هو . ماضي قريب ۾ هن جماعت جو مرڪزي امير ملڪي سماج تي اهم سياسي اڳواڻ جي حيثيت رکندڙ قاضي حسين هو ۽ هينئر هن جماعت جو امير سيد منور حسين آهي .
مشرف دؤر ۾ متحدہ مجلس عمل ( ايم . ايم . اي ) ٺھڻ کان پوءِ ٻين ديني پارٽين سان گڏ جماعت اسلامي بہ وڌيڪ منظر تي رهي .
جماعت اسلاميءَ ۾ عورتن جي شاخ بہ قائم ڪيل آهي . جماعت طرفان اشاعت جو ڪم بہ جاري آهي ، ان سلسلي ۾ اسلام ۽ اخلاقيات تي ڪتابن ۽ ڪئسيٽن جون نمائشون بہ منعقد ڪيون وڃن ٿيون .
1941.08.26 عيسوي
جماعت اسلامي: هيءَ مذهبي ۽ سياسي پارٽي آهي . جماعت اسلامي جو بنياد 26 آگسٽ 1941ع تي اسلاميه پارڪ لاهور ۾ جماعت جي باني سيد ابو الاعليٰ مودوديءَ جي رهائشگاهه تي عمل ۾ آيو