جمالو: هيءُ سنڌ جو مشھور لوڪ گيت آهي، جنهن جي ڳائڻ تي سنڌيءَ جو روايتي ۽ ثقافتي ناچ ٿيندو آهي. هن کي جمالو ناچ بہ چوندا آهن. هميشہ هن گيت جي چوڻ وقت هڪ ڄڻو جمالو گيت ڳائيندو آهي ۽ ٻيا سندس پويان گيت جو پهريون بند ’هو جمالو‘ ورجائيندا ويندا آهن ۽ دهل جي آواز تي مترنم انداز سان تاڙيون وڄائيندا ناچ ڪندا ويندا آهن. هن لوڪ گيت لاءِ عام طور تمام گهڻيون روايتون مشھور آهن، جيئن ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي موجب تہ: ”جمالو آڳاٽي وقت ۾ ڪو ڪوپو، اڙٻنگ شخص هو، جيڪو گهر کان ٻاهر ويل هو، جنهن جي موٽي اچڻ تي خوشيءَ ۾ سندس ئي نالي سان گيت ڳايائون، جنهن بعد ان لوڪ گيت کي پذيرائي ملي.“ اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب تہ: ”هيءُ لوڪ گيت هميشہ خوشيءَ جي موقعي تي ڳايو ويندو آهي. هن گيت جا مضمون جمالي جو جدا ٿيڻ، سندس وڇوڙي تي افسوس، جمالي جو موٽي اچڻ ۽ سندس اچڻ تي خوشي ۽ سندس ڳڻن جو تذڪرو آهي.“ ڊاڪٽر بلوچ وڌيڪ لکي ٿو تہ ’جمالو‘ نالي هڪ شخص هو، جيڪو پنھنجي ساٿين کان وڇڙي ڪي سال لاڙ وڃي رهيو ۽ جتن سان گڏ گذاريائين ۽ جڏهن ڪجهہ عرصي بعد موٽي آيو، تڏهن سندس ساٿين توڙي سڪ ۽ حب وارن ناچ ڪيا ۽ سندس نالي سان گيت بہ ڳايائون ۽ پوءِ اهو گيت اڳتي هلي سنڌ جي ثقافتي ورثي جي اهم وٿ بڻجي پيو“. جيئن تہ جمالو لوڪ گيت آهي، اهو ئي سبب آهي جو ان جي مصرعن جو تعداد اڻ ڳڻيو ۽ مختلف هنڌن تي مختلف شين ۽ شبيهن تي ٻڌل هوندو آهي، پر هڪ ڳالھہ تہ هن گيت جو موضوع هڪ آهي ۽ هيٺ ڏنل سٽون اڪثر ڪري هڪ ئي پيرايي ۽ ساڳئي نموني ۾ سنڌ جي هر هڪ علائقي ۾ ساڳيءَ طرح مروج آهن ۽ ادا ڪيون وڃن ٿيون، باقي پوءِ وقت گذرڻ سان هن گيت ۾ واڌارا ٿيندا رهيا آهن:
منهنجو جمالو جتن سان ..... هو جمالو!
منهنجو لڙي ويو لاڙ ڏانهن... هو جمالو !
منهنجو کٽي آيو خير سان.... هو جمالو !
اهڙيءَ ريت جمالي گيت ۾ ’جمالي‘ جي سونهن، ڏندن، چپن، اکين، پڳ، منڊيءَ، لڪڻ ۽ جتيءَ وغيرہ جي تعريف واريون مصرعون بہ سڄي سنڌ ۾ مشھور آهن. باقي هن گيت ۾ ماضي قريب جا ڪي اهڃاڻ بہ ملن ٿا ’منهنجو سکر واري پل تي‘ يا ڪي اهڙيون ٻيون مصرعون وقت سر وڌنديون رهن ٿيون، جيڪي سماجي تبديليءَ ڏانهن نشاندهي ڪن ٿيون. ايئن چوڻ ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ جمالو سنڌ جي ثقافت جو اهم اهڃاڻ آهي.