
جمالين جو قبو 2
جمالين جو قبو-2: هيءُ قبو سخي اميد عليءَ جي قبرستان ۾، ديھه اين- 87، تعلقي نوابشاھہ، ضلعي بينظيرآباد (نوابشاھہ) ۾ موجود آهي. ھن جي اولھه ۾ 5 ڪلو ميٽرن تي نوابشاھه جو شھر موجود آهي، باقي ڳوٺ پڻ جمالي قبي-1 واري مفاصلي تي واقع آهن. ھيءُ ماڳ اتر ويڪرائي ڦاڪ 26015'0'' ڊگرين ۽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ 68026'35'' ڊگرين تي واقع آھي. مقبرو چورس 4.85x4.85 ميٽر ۽ اوچائيءَ ۾ 8 ميٽرن جو آھي. ھن جي اڏاوت ۾ پڪيون سرون، گل گارو، گچ گارو وغيرہ استعمال ٿيل آھن. مقبري جو لنگهه اتر پاسي لڳل دروازي مان آھي. لنگهہ وٽ چورس ۽ مستطيل پانيل اندر تي ٺھيل آهي. مقبري جي مھاڙيءَ کي ڇڏي باقي ٽن پاسن تي مستطيل ۽ چورس پانيل ٺھيل آھن. ڇت سان ڇڄھري چوڌاري ڦريل آھي. ڇت جي مٿان ۽ گنبذ جي ھيٺان وڏو اٺڪنڊي ڳِچ (Drum) تي گنبذ ٺھيل آھي. گنبذ اڌ گول نموني جو آھي، ان جي مٿان فانوس ٺھيل آھي. گنبذ جو نمونو ھندستان جي جامع مسجد جونپور وانگر آھي، جيڪا 1470ع ۾ ٺھي تيار ٿي هئي، سڄي مقبري ٻاھران گچ گاري سان پلستر ٿيل ھو، جيڪو لھي ويو آھي ۽ سرون ظاھر ٿي پيون آھن. اندر سڄي عمارت چورس ۽ مستطيل پانيلن سان سينگاريل آھي. صرف ڪمانيدار پانيلن کي پلستر ٿيل آھن. ھن وقت مقبرو خراب حالت ۾ آھي. چوڌاري جهنگلي ٻوٽا وڪوڙي ويا اٿس. سم ۽ ڪلر جي ڪري سرون ڳرڻ لڳيون آھن. مقبري جو پلستر اکڙي ويو آھي. تڪڙي مرمت جي ضرورت آهي، مقبري ۾ ڪير دفن آهي، ان جي ڪا ڄاڻ نہ ٿي ملي .