
جمالين جو قبو 4
جمالين جو قبو- 4: هيءُ مقبرو سخي اميد علي جي قبرستان، ديھه اين- 87 تعلقي نوابشاھہ ۽ ضلعي بينظيرآباد (نوابشاھ) ۾آهي. ھيءُ ماڳ اتر ڊگهائي ڦاڪ 260 15' 0'' ۽ اوڀر ويڪرائي ڦاڪ 680 26' 35'' ڊگرين تي موجود آھي. ھيءُ مقبرو چورس ڊيگهہ، ويڪر ۾ 5.30 x 5.30 ميٽر ۽ اوچائي ۾ 3.50 ميٽر آھي. ھن جي اڏاوت ۾ پڪيون سرون، گل ۽ ڳچ گارو استعمال ٿيل آھي. لنگهہ اوڀر ۾ ڪمانيدار دروازي سان اٿس. مھاڙي سڌن، اُڀن ۽ مستطيل پانيلن جي ٺھيل اٿس ۽ ٻہ مستطيل پانيل ھر پاسي ٺھيل اٿس. هن وقت سڀئي پانيل برسات جي پاڻيءَ سبب ڳري ويا آھن. مقبري جي اوچائي، ڊيگهه ۽ ويڪر سان مشابهت ڪانہ آھي. ان لاءِ ڏسڻ ۾ عجيب لڳي ٿي. گنبذ سڌو اڏاوت جي مٿان اڏيو ويو آھي. گنبذ جي مٿان ڪنول جو ابتو گل ۽ گل جي مٿان ڪلس ٺھيل آھي. گنبذ کي ٻاھران گچ گاري سان لنبيو ويو آھي. ھن جو گنبذ لاڙڪاڻي رتيديري واري علي ڏني ماڇيءَ واري مقبري جي گنبذ جهڙو ٺھيل آھي. ھيءُ مقبرو ميرن جي دور جي اڏاوت جو نمونو آھي. ھن تي ڪو بہ ڪتبو وغيرہ لکيل ڪو نہ آھي جو مدفون شخص جي نالي، وفات وغيرہ بابت معلوم ٿئي. مقبري جي حالت سٺي نہ آھي. سم ڪلر جي ڪري پانيلن توڙي پلويڙن جون سرون ڳري پٽ پئجي ويون آھن .