جمالي حاجي محمد بخش

جمالي حاجي محمد بخش

جمالي حاجي محمد بخش

جمالي، حاجي محمد بخش: دادو ضلعي جي نامور سياسي، سماجي شخصيت، سردار حاجي محمد بخش ولد ڏاتل خان جمالي، 1936ع ڌاري دادو ضلعي جي ڳوٺ ڦلجيءَ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ۽ قرآن مجيد ڦلجيءَ ۾ پڙهيو. 1950ع ڌاري ورنيڪيولر فائينل، 1952ع ۾ انگريزي فائنل امتحان بھاولپور جي مڊل اسڪول مان پاس ڪيائين. 1956ع ۾ سردار ڏاتل خان جي وفات بعد کيس سرداري پڳ ٻڌائي وئي، تنهن وقت پاڻ 20 سالن جو هو. ان بعد ڦلجيءَ مان لڏي بھاولپور ۾ رهائش اختيار ڪيائين.
هيءُ 1962ع ۾ يونين ڪائونسل بھاولپور جو چيئرمئن منتخب ٿيو. سندس فرزند رفيق احمد جمالي هن وقت پ پ ضلعي دادوءَ جو صدر ۽ ايم. اين. اي آهي.
سردار محمد بخش جمالي 1969ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي دعوت تي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. 1970ع وارين عام چونڊن ۾ کيس ايم. پي. اي جي ٽڪيٽ ڏني وئي، جنهن تي وڏي اڪثريت سان کٽي آيو. ان وقت ايم. پي. اي جو تڪ جوهي ۽ دادو ٻنهي تعلقن تي مشتمل هو. ان کانپوءِ 1985ع وارين غير جماعتي چونڊن ۾ بہ هن فارم ڀريو. سندس مقابلي ۾ خير بخش پنهور تمام ٿورن ووٽن سان کٽي ويو، جڏهن تہ 1988ع وارين چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي ماڻي، پاڻ ايم. اين. اي چونڊجي ويو. 1990ع جي عام چونڊن ۾ پڻ کيس عوامي حمايت سبب قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي ڪاميابي ٿي. ان بعد هن 1993ع وارين چونڊن ۾ پڻ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي. <
پنھنجي تر ۾ مقبوليت سبب کيس 1997ع ۾ بہ دادو- جوهي تڪ تان ايم. اين. اي چونڊيو ويو.
محمد بخش جمالي، دادو شگر مِل ۽ دادو ڊسٽرڪٽ ڪوآپريٽوِ هائوسنگ سوسائٽيءَ جي قيام ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سماجي ڀلائي ۽ ماڻهن جي مسئلن تي هميشہ سنجيدگيءَ سان ڪم ڪيائين. هن مارچ 2005ع ۾ وفات ڪئي. سردار حاجي محمد بخش جماليءَ جي زندگيءَ ۽ شخصيت تي مشتمل هڪ ڪتاب بہ محمد عثمان جماليءَ پاران ترتيب ڏئي 2005ع ۾ ڇپايو ويو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.00.00  عيسوي

حاجي محمد بخش ولد ڏاتل خان جمالي ، 1936ع ڌاري دادو ضلعي جي ڳوٺ ڦلجيءَ ۾ ڄائو .


2005.03.00  عيسوي

حاجي محمد بخش جمالي مارچ 2005ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديوان پرڀداس آڏواڻي
خليفو احمد خان نظاماڻي
راڄپر عبدالحڪيم سرائي
شيخ عبدالعزيز
ڄام لاکو
راڻو رتن سنگهہ
غلام حيدر مرڙاڻي
خير محمد ڏاهري
حبيب ﷲ حبيب شهدادڪوٽي
غزنوي سلطان محمود
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون