جمالي حاجي محمد بخش

جمالي حاجي محمد بخش

جمالي حاجي محمد بخش

جمالي، حاجي محمد بخش: دادو ضلعي جي نامور سياسي، سماجي شخصيت، سردار حاجي محمد بخش ولد ڏاتل خان جمالي، 1936ع ڌاري دادو ضلعي جي ڳوٺ ڦلجيءَ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ۽ قرآن مجيد ڦلجيءَ ۾ پڙهيو. 1950ع ڌاري ورنيڪيولر فائينل، 1952ع ۾ انگريزي فائنل امتحان بھاولپور جي مڊل اسڪول مان پاس ڪيائين. 1956ع ۾ سردار ڏاتل خان جي وفات بعد کيس سرداري پڳ ٻڌائي وئي، تنهن وقت پاڻ 20 سالن جو هو. ان بعد ڦلجيءَ مان لڏي بھاولپور ۾ رهائش اختيار ڪيائين.
هيءُ 1962ع ۾ يونين ڪائونسل بھاولپور جو چيئرمئن منتخب ٿيو. سندس فرزند رفيق احمد جمالي هن وقت پ پ ضلعي دادوءَ جو صدر ۽ ايم. اين. اي آهي.
سردار محمد بخش جمالي 1969ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي دعوت تي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. 1970ع وارين عام چونڊن ۾ کيس ايم. پي. اي جي ٽڪيٽ ڏني وئي، جنهن تي وڏي اڪثريت سان کٽي آيو. ان وقت ايم. پي. اي جو تڪ جوهي ۽ دادو ٻنهي تعلقن تي مشتمل هو. ان کانپوءِ 1985ع وارين غير جماعتي چونڊن ۾ بہ هن فارم ڀريو. سندس مقابلي ۾ خير بخش پنهور تمام ٿورن ووٽن سان کٽي ويو، جڏهن تہ 1988ع وارين چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي ماڻي، پاڻ ايم. اين. اي چونڊجي ويو. 1990ع جي عام چونڊن ۾ پڻ کيس عوامي حمايت سبب قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي ڪاميابي ٿي. ان بعد هن 1993ع وارين چونڊن ۾ پڻ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي. <
پنھنجي تر ۾ مقبوليت سبب کيس 1997ع ۾ بہ دادو- جوهي تڪ تان ايم. اين. اي چونڊيو ويو.
محمد بخش جمالي، دادو شگر مِل ۽ دادو ڊسٽرڪٽ ڪوآپريٽوِ هائوسنگ سوسائٽيءَ جي قيام ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. سماجي ڀلائي ۽ ماڻهن جي مسئلن تي هميشہ سنجيدگيءَ سان ڪم ڪيائين. هن مارچ 2005ع ۾ وفات ڪئي. سردار حاجي محمد بخش جماليءَ جي زندگيءَ ۽ شخصيت تي مشتمل هڪ ڪتاب بہ محمد عثمان جماليءَ پاران ترتيب ڏئي 2005ع ۾ ڇپايو ويو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.00.00  عيسوي

حاجي محمد بخش ولد ڏاتل خان جمالي ، 1936ع ڌاري دادو ضلعي جي ڳوٺ ڦلجيءَ ۾ ڄائو .


2005.03.00  عيسوي

حاجي محمد بخش جمالي مارچ 2005ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خورشيد قائمخاني
حمل جت
احمد شھيد بريلوي
سيد محمد شاھہ سنائي
پنھل ساريو
آنند ٽھلراماڻي
راجا ڪنشڪ
سُھائي ٽالپر
پليجو عبدالحئي
سيٺ طيب علي علوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون