جمالي مصري خان

جمالي مصري خان

جمالي مصري خان

جمالي، مصري خان: بينن (الغوزي) وڄائڻ جو بادشاھہ، ڪلاڪار مصري خان جمالي 1921ع ۾ رونجهاڻ ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. ان جي وقت ماحول موجب ڪا خاص تعليم حاصل نہ ڪري سگهيو، پر کيس ساز ۽ آواز سان ننڍپڻ کان وٺي لڳاءُ هو. ڪجهہ عرصي بعد هيءُ نوابشاھہ ۾ لڏي اچي ويٺو ۽ سندس سموري حياتي نوابشاھہ شھر ۾ ئي گذري. مصري خان جماليءَ پنھنجي فن جو مظاهرو سنڌ، پاڪستان ۽ ملڪ کان ٻاهر ڪري نالو ڪڍيو، شروع ۾ سنڌ جي مکيہ درگاهن تي ڳائيندو هو. ان کان پوءِ ريڊيي پاڪستان حيدرآباد تي کيس فن پيش ڪرڻ موقعو مليو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي تہ مصري خان جمالي بينن جي فن جو پهريون استاد هو. سندس شاگردن ۾ نبي بخش بروهي، محمد عرس ڀٽي، حاجي خان چانڊيو ۽ حافظ گل محمد شامل آهن. هن 1977ع ۾ هن حڪومت پاڪستان پاران حسن ڪارڪردگي تمغو حاصل ڪيو. هنن بينن جي فن کي جهنگ مان ڪڍي شهرن ۾ آندو ۽ بينن کي ضابطي ۾ رکڻ واري مد ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي. هن پاڪستان جي ڪيترن ثقافتي وفدن سان گڏجي ڪيترن ملڪن جو دؤرا ڪيا. مصري خان جمالي بلند پايي جي موسيقارن مان هو. 20 آڪٽوبر تي دماغ جي رڳ ڦاٽي پوڻ ڪري کيس نوابشاھہ جي سول اسپتال اندر داخل ڪيو ويو، جتان کيس سنڌ جي گورنر ايس ايم عباسيءَ جي چوڻ تي ڪراچيءَ منتقل ڪيو ويو ۽ سندس سرڪاري علاج ڪرايو ويو، پر 10 نومبر 1980ع تي،لاڏاڻو ڪري ويو. سندس پوين ۾ سندس ڀائيٽو غلام نبي جمالي الغوزو وڄائي ٿو، جيڪو پڻ ريڊيي ۽ ٽي ويءَ جو سٺو الغوزي نواز آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.00.00  عيسوي

مصري خان جمالي 1921ع ۾ رونجھاڻ ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو .


1980.11.10  عيسوي

مصري خان 10 نومبر 1980ع تي ، لاڏاڻو ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شير محمد مري
پير ڪرهيو ڀانڊاري
پير بخش عالماڻي
انمول بلوچ
ڀائي مولچند عاج وارو
بھاول خان عباسي3
سيده نفيسه شاھہ
احسان دانش ڊاڪٽر
چانڊيو عبدالرحمان
عابدہ سلطان شھزادي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون