جمالي مهرو فقير

جمالي، مهرو فقير: لاڙ جو بزرگ درويش ۽ سگهڙ، جمالي مهرو فقير 1895ع ڌاري ضلعي بدين جي ڳوٺ تاڏي ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو ملوڪ فقير هو، جيڪو بہ اهل بزرگ ۽ درويش هو، جنهن جي مزار تي ساليانو ميلو بہ لڳندو آهي. جمالي مهرو فقير، سنڌي ۽ سرائيڪيءَ زبانن جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. هن بزرگ 1952ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڪلام جو ڪجهہ نمونو پيش ڪجي ٿو:
کلي خداوند جو، عشق امامن کٽيو.
شوق شهادتن جو روح اندر هيو.
مردن جا ميدان ۾ خوب کنا ٿي کڙيا.
ڪربلا جي پڙ ۾ وير ويرين سان وڙهيا.
تنهنجو نعرو هڻي نينھن جو، گهوٽ گهوڙن تي چڙهيا.
’مهرو‘ چئي محبوب منهنجا سربسر سوره صدر.
مرد نڪتا ميدان تي غم ڇڏي غازي گوهر.
حيدري حشمت رکي، هو لال لاهوتي لڙيا!


لفظ جمالي مهرو فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1895.00.00  عيسوي

جمالي مهرو فقير 1895ع ڌاري ضلعي بدين جي ڳوٺ تاڏي ۾ ڄائو


1952.00.00  عيسوي

جمالي مهرو فقير 1952ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد غوث علي شاھہ
زھرہ شيرازي
ڌڻي بخش ناقص
شھباز بلوچ
مير محمد نورنگي جاگيراڻي
سوامي هردارام
گلشير راهو
انورهڪڙو
شعيب اختر
آغا محمد يعقوب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون