جمالي، مهرو فقير: لاڙ جو بزرگ درويش ۽ سگهڙ، جمالي مهرو فقير 1895ع ڌاري ضلعي بدين جي ڳوٺ تاڏي ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو ملوڪ فقير هو، جيڪو به اهل الله بزرگ ۽ درويش هو، جنهن جي مزار تي ساليانو ميلو به لڳندو آهي. جمالي مهرو فقير، سنڌي ۽ سرائيڪيءَ زبانن جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. هن بزرگ 1952ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڪلام جو ڪجهه نمونو پيش ڪجي ٿو:
کلي خداوند جو، عشق امامن کٽيو.
شوق شهادتن جو روح اندر هيو.
مردن جا ميدان ۾ خوب کنا ٿي کڙيا.
ڪربلا جي پڙ ۾ وير ويرين سان وڙهيا.
تنهنجو نعرو هڻي نينهن جو، گهوٽ گهوڙن تي چڙهيا.
’مهرو‘ چئي محبوب منهنجا سربسر سوره صدر.
مرد نڪتا ميدان تي غم ڇڏي غازي گوهر.
حيدري حشمت رکي، هو لال لاهوتي لڙيا!
1895.00.00 عيسوي
جمالي مهرو فقير 1895ع ڌاري ضلعي بدين جي ڳوٺ تاڏي ۾ ڄائو
1952.00.00 عيسوي
جمالي مهرو فقير 1952ع ۾ وفات ڪئي .