جمال الدين افغاني: جمال الدين افغاني ولد صفدر حسين جو جنم 1838ع ڌاري ڪابل جي ويجهي علائقي قصبا سعد آباد ۾ ٿيو . ابتدائي تعليم ڪابل مان حاصل ڪيائين . نوجواني واري دؤر ۾ مذهبي ۽ فلسفي جي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪربلا ۽ نجف کان علاوه هندستان ۽ استنبول به ويو . هو هندستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ رهيو . 1857ع ۾ بمبئي رستي حج لاءِ ويو ۽ واپسي تي پنهنجي دوست محمد خان جيڪو افغانستان جو امير هو ان وٽ نوڪري ڪيائين ۽ ڪجهه وقت لاءِ ان جو وزير به رهيو ، پر افغانستان جي گهرو ويڙهه سبب نوڪري ڇڏي هندستان هليو ويو ، جتي ان جي انقلابي ۽ مزاحمتي سوچ سبب برطانوي حڪومت هن جي نگراني ڪندي رهي ۽ اهڙي روپوشيءَ کان تنگ اچي ٻيهر حج لاءِ روانو ٿيو ۽ اتان استنبول ( قسطنطنيه ) هليو ويو ۽ اتي مسجد ابا صوفيه ۾ خطبو ڏيڻ شروع ڪيائين ۽ سامراجي حڪومتن خلاف مسلمانن کي جدوجهد ڪرڻ لاءِ اتساهه ڏياريائين ، جنهن سبب ترڪي جي حڪومت کيس ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ هو 1871ع ۾ قاهره هليو ويو ، جتي جامعه الازهر ۾ تبليغ ۽ تدريس جو ڪم ڪيائين ۽ مصر جي حڪومت طرفان وظيفو مقرر ڪيو ويو ، جتي پنهنجي انقلابي تقريرن ۽ لکڻين ذريعي مصر جي نوجوانن ۾ انقلابي جذبو پيدا ڪيائين . 1879ع ۾ خديو توفيق پاشا انگريزن جي دٻاءَ تي مصر مان ڪڍي ڇڏيو ، جنهن بعد هو هندستان آيو ، پر انگريزن خلاف لکڻ تي 1882ع ۾ انگريزن کيس ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ، جنهن بعد هو افغانستان ۽ انگلينڊ ذريعي پيرس پهتو ، جتي هو پنهنجي شاگرد عبده سان گڏجي برطانيا ۾ مخالف رسالو ‘ العروة الوثقا ‘ ڪڍڻ لڳو ، جنهن پوري اسلامي ملڪن ۾ برطانيا حڪومت جي پاليسين کي مسلمانن ۾ عام ڪري ڇڏيو ۽ انگريزن ان رسالي جي داخلا تي پنهنجي ملڪ ۾ پابندي هڻي ڇڏي . ان دوران شاهه ناصر الدين قاچار يورپ ويو ته جلال الدين کي ايران وٺي آيو ۽ کيس پنهنجي وزارت ۾ شامل ڪيائين ۽ اختلافن سبب اهو عهدو ڇڏي ترڪيءَ جي سلطان جي دعوت تي استنبول هليو ويو ۽ اتي رهي اسلامي ملڪن ۾ سياسي بيداري جي شروعات ڪيائين ۽ انهن وچ ۾ باهمي اتحاد لاءِ پرچار ڪيائين . انگريز جيڪي سڀ مسلمان ملڪن تي پنهنجو غلبو قائم ڪيو ويٺا هئا . انهن خلاف مسلمانن ۾ وڙهڻ لاءِ سوچ پيدا ڪيائين . هن مارچ 1897ع تي استنبول ۾ وفات ڪئي . 50 سالن کان پوءِ سندس مڙهه پشاور آندو ويو ، جتي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن استقبال ڪيو ، بعد ۾ سندس تابوت ڪابل نيو ويو ۽ اتي جهان علي آباد ويجهو سندس مڙهه کي دفنايو ويو .