جمال الدين جوڳي

جمال الدين جوڳي

جمال الدين جوڳي

جمال الدين ’جوڳي‘: جمال الدين ’جوڳي‘ ولد تاج محمد جمالي 12 فيبروري 1935ع تي ڳوٺ ٻٻر، تعلقي ڳڙهي خيري، ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد شڪارپور تعلقي جي ڳوٺ جنو شريف ۾ رهيو. مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ سرڪاري پريس ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. مارچ 1991ع ۾ ’سنڌ گورنمينٽ پريس خيرپور‘ مان فورمين طور ملازمت تان رٽائر ڪيائين ۽ پوءِ شڪارپور ۾ لکيدر تي ’نيو فرمان پرنٽنگ پريس‘ نالي سان پنھنجي پريس قائم ڪيائين. جنهن شڪارپور ۾ هندن جي وڃڻ کانپوءِ ٿيل کوٽ کي ڪجهہ قدر پورو ڪيو.
جمال الدين جوڳي 1965ع کان شاعريءَ جي شروعات ڪئي. هن غزل، نعت، قطعا، رُباعي، مسدس، ڪلام ۽ منقبت وغيرہ جهڙين صنفن ۾ شاعري ڪئي. غزل ۽ قطعا سندس پسنديدہ صنفون رهيون. شاعريءَ ۾ سندس استاد سنڌي زبان جو مشھور شاعر اميد خيرپوري هو ۽ 1979ع کان هن اميد خيرپوري جي نظر هيٺ پڪي ۽ پختي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. سندس شاعري جو مجموعو ’قطعات جوڳي‘ 2010ع ۾ ’مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور‘ پاران ڇپيل آهي، جنهن کي وفا منظور چوهاڻ ترتيب ڏنو آهي. ان کان علاوہ سندس ڪلام جو ٻيو مجموعو ’جوڳيءَ جي جهونگار‘ قلمي صورت ۾ پيل آهي. سندس ڪلام ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي.


لفظ جمال الدين جوڳيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.02.12  عيسوي

جمال الدين ’جوڳي‘ ولد تاج محمد جمالي 12 فيبروري 1935ع تي ڳوٺ ٻٻر، تعلقي ڳڙهي خيري، ضلعي جيڪب آباد ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سھجرام توشڪچي
صديقي محمد صالح
راڄو ليکي
چاچڙ حاجي خان اول
جوهي چاولا
ابوالحسن ڪبير سنڌي
جي جي مور
برهمچاري پرڀوداس
دائودپوٽو محمد مبارڪ خان عباسي اول
شيخ موسيٰ سيوستاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون