جمال الدين لانگاهه: جمال الدين ولد عزيز الله لانگاهه 15 جون 1954ع تي ڳوٺ خان پنهور'>آدم خان پنهور تعلقي جيڪب آباد ۾ ڄائو. پنهنجي ڳوٺ ۽ جيڪب آباد جي علمي ادارن کان تعليم حاصل ڪندي 1985ع ۾ بي. اي پاس ڪيائين. هي هڪ صحافي، فنڪار ۽ سماجي ورڪر آهي. 1979ع ۾ هو ’نواءِ انقلاب‘ ۽ روزانه ’آفتاب‘ جي نمائندي جي حيثيت سان صحافت ۾ آيو. 1992ع ڌاري پنهنجي اخبار هفت روزه ’امداد‘ جيڪب آباد کان جاري ڪيائين. هڪ فنڪار جي حيثيت سان ’گهڙو‘ تمام سٺو وڄائي ٿو ۽ ٽي. وي جي ڪجهه پروگرامن ۾ به شريڪ ٿيو آهي. هڪ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان هو ’شهري اتحاد‘ جيڪب آباد ’لانگو‘ ويلفيئر ائسوسيئيشن ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي.
1954.06.15 عيسوي
جمال الدين ولد عزيز الله لانگاهه 15 جون 1954ع تي ڳوٺ آدم خان پنهور تعلقي جيڪب آباد ۾ ڄائو.