جمال الدين لانگاھہ

جمال الدين لانگاھہ: جمال الدين ولد عزيز لانگاھہ 15 جون 1954ع تي ڳوٺ خان پنهور'>آدم خان پنهور تعلقي جيڪب آباد ۾ ڄائو. پنھنجي ڳوٺ ۽ جيڪب آباد جي علمي ادارن کان تعليم حاصل ڪندي 1985ع ۾ بي. اي پاس ڪيائين. هي هڪ صحافي، فنڪار ۽ سماجي ورڪر آهي. 1979ع ۾ هو ’نواءِ انقلاب‘ ۽ روزانہ ’آفتاب‘ جي نمائندي جي حيثيت سان صحافت ۾ آيو. 1992ع ڌاري پنھنجي اخبار هفت روزہ ’امداد‘ جيڪب آباد کان جاري ڪيائين. هڪ فنڪار جي حيثيت سان ’گهڙو‘ تمام سٺو وڄائي ٿو ۽ ٽي. وي جي ڪجهہ پروگرامن ۾ بہ شريڪ ٿيو آهي. هڪ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان هو ’شھري اتحادجيڪب آباد ’لانگو‘ ويلفيئر ائسوسيئيشن ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.06.15  عيسوي

جمال الدين ولد عزيز الله لانگاهه 15 جون 1954ع تي ڳوٺ آدم خان پنهور تعلقي جيڪب آباد ۾ ڄائو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سردار قريشي
الياس شاڪر
غلام حسين منگي
ابوبڪر خان مگسي
شيخ نظر محمد بسمل
اشرف جروار
پنھيار علي بخش اصغر
اشفاق آذر
اسلم چنا
جميل احمد ميمڻ
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون