جمال خان

جمال خان: جمال خان مشھور طبلي نواز ٿي گذريو آهي ، هن 1921ع ڌاري وزير خان جي گهر ۾ راجستان جي ڳوٺ سيٿل ۾ جنم ورتو . رحمان ۽ موتي خان کان طبلي جي سکيا ورتائين ، ان وقت هو اُتي جي مهاراجا وٽ ملازم هو ، جتي محمد خان ستار نواز سان گڏ درٻار ۾ طبلو وڄائيندو هو . ٿوري ئي عرصي ۾ سڄي هندستان ۾ پنھنجي فن جي ڪري گهڻو مشھور ٿيو . دهلي ريڊيي تي سندس دوستي استاد بي بي خان سان ٿي . پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ اتان لڏي سنڌ ۾ آيو ، جتي ريڊيي پاڪستان حيدرآباد ۾ ملازمت اختيار ڪيائين . هن استاد مراد علي خان ، بي بي خان ، خان '>استاد مبارڪ علي خان ، جمالي خان ۽ استاد پير بخش جي صحبت ۾ رهي ، درپد ، تال ، ڪلواڙي ۽ ڪلاسيڪل موسيقيءَ ۾ پاڻ ملهايو . هن ريڊيي ۽ ٽيليويزن جي نامور ڳائڻن سان طبلو وڄايو ۽ ڪيترن ئي شاگردن کي پنھنجي فن جي سکيا ڏنائين ، جن ۾ ڇٽن خان ، محمد اسلام ، ضمير الدين خان ، عبدالحميد خان ، فريد نظامي ، ياسين خان ۽ منظور علي خان اهم آهن . هن 1993ع ڌاري وفات ڪئي .






لفظ جمال خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.00.00  عيسوي

جمال خان: جمال خان مشهور طبلي نواز ٿي گذريو آهي ، هن 1921ع ڌاري وزير خان جي گهر ۾ راجستان جي ڳوٺ سيٿل ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي محمد وڳڻ
سيد مير لطف ﷲ سيوستاني
انور الدين جتوئي
الاهي بخش اڄڻ
شيخ موسيٰ آهيداڻي
عبدالله چنا خانصاحب
ڀاشاني عبدالحميد خان
بولچند سيتائي
دائودپوٽو عبدالڪريم منشي
ڀاسڪر آچاريه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون