ٽاٽا جمشيد

ٽاٽا جمشيد

جمشيد ٽاٽا

جمشيد ٽاٽا : جمشيد ٽاٽا، گجرات هندوستان جي ڏاکڻي ڳوٺ نوساري (Navasari) ۾ 1839ع ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو نسروانجي ۽ ماءُ جو نالو جيون ٻائي هو. نسروانجي ٽاٽا جو پارسي ٻاون واري آڪھہ سان تعلق هو. جيڪي آتش پرست پارسي هئا. نسروانجي پنھنجي خاندان ۾ پهريون ماڻهو هو، جيڪو واپار خاطر ڳوٺان لڏي ممبئي آيو. 14 سالن جي عمر ۾ جمشيد کي مشھور ڪاليج ايلفنسٽن ۾ داخل ڪيو ويو. جتان 1858ع ۾ ڊگري وٺي پيءُ جو ڪاروبار سنڀالڻ لڳو. جمشيد پنھنجي وطن جي ترقيءَ لاءِ وڏي محنت ڪئي. سندس ڪيتريون ئي فيڪٽريون جمشيد پور ۾ جنهن کي ”ٽاٽا نگر“ بہ چون ٿا. جمشيد ٽاٽا اهو ماڻهو آهي جنهن ٽاٽا ڪمپني شروع ڪئي. جنهن جون لاريون ۽ ٽرڪون انڊيا کان ايران، ملائيشيا، عرب ملڪن، سينگاپور، انڊونيشيا ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن کي برآمد ڪيون وڃن ٿيون. ان کان علاوہ ٽاٽا ڪمپني چانھہ، لوھہ جون شيون، ڪپڙي ۽ اليڪٽران جي سامان ٺاهڻ کان مشھور آهي. ٽاٽا ڪمپني جا ايڏا تہ ڪارخانا آهن جو بھار صوبي جي جهارکنڊ رياست جو هڪ شھر جمشيد پور سڏجي ٿو. جمشيد جي ڳوٺن ۾ ڪارخانا ۽ فيڪٽريون لڳائڻ سان نہ فقط هزارين نوڪريون مهيا ڪيون، پر هن ٻين ڪارخانيدارن ۽ واپارين لاءِ پڻ راھہ هموار ڪئي. هن جو وڏو ڪارنامو تاج محل پئلس نالي هوٽل قائم ڪرڻ هو. هن هوٽل کان اڳ واٽسن اهڙي قسم جي وڏي هوٽل ليکبي هئي. جنهن ۾ مقامي هندوستاني ماڻهن جي داخلا بند ٿيل هئي. تاج محل پئلس هوٽل 1903ع ۾ جڙي راس ٿي. ان وقت جي حساب موجب هن هوٽل تي 42 ڪروڙ روپيا خرچ ٿيو. هن هوٽل ۾ 42 سوٽس ۽ 12 ڪمرا اهڙا آهن جن ۾ 25 کان 500 ماڻهن جي ويهڻ ۽ کائڻ پيئڻ جو بندو بست ٿي سگهي ٿو. جڏهن تہ 565 رهائشي ڪمرا الڳ آهن. ان کان سواءِ بہ ٽاٽا وارن جو هندوستان ۽ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ هوٽلن جو ڪاروبار آهي. انڊيا ۽ ٻين ملڪن ۾ 80 هوٽلون، 7 محلات، 6 ذاتي ٻيٽ ۽ 12 تفريحي جايون (Restorts) آهن. جمشيد نسروانجي 1904ع ۾ وفات ڪري ويو. حالانڪہ پاڻ ڪاروباري ماڻهو هو. پر هن جي دوستي لالا ڀائي نوروجي ۽ فيروز شاھہ مهتاب جهڙن قوم پرستن سان هئي. هن وقت سندس ڪاروبار سندس پونئير سنڀالي رهيا آهن .


لفظ جمشيد ٽاٽاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1839.00.00  عيسوي

جمشيد ٽاٽا گجرات هندوستان جي ڏاکڻي ڳوٺ نوساري ۾ 1839ع ۾ پيدا ٿيو


1904.00.00  عيسوي

جمشيد نسروانجي 1904ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير محمد نورنگي جاگيراڻي
محمد پريل بيدار مڱريو
ڪملا. ڪي پرمار
ابن خردازبه 2
حُرمت شيدڻ
محمد حسين سومرو
ڄاموٽ سيد حاجي جلال شاھہ
امام بري
امينه هاليپوٽو پروفيسر
ابراهيم بن اڌم بلخي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون