جمعة الوداع: جمعة الوداع ماھہ رمضان جي آخري جمعي کي چيو ويندو آهي. رمضان جو بابرڪت مهينو مسلمانن لاءِ تمام ڀلارو، خير ۽ برڪت جو مهينو آهي. انهيءَ ڪري هن مهيني جي آمد تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويندو آهي ۽ هن جي اختتام تي غم جو اظهار ڪيو ويندو آهي، پر روزن کانپوءِ عيد تي ﷲ جي حڪم سان خوشيون ملهايون وينديون آهن. رمضان جي آخري جمعي تي وڌ کان وڌ مسلمان جمعي جي نماز ادا ڪندا آهن. هن ڏينهن کي تمام ڀلارو ۽ بابرڪت تصور ڪيو ويندو آهي .