جمعو شيدي

جمعو شيدي

جمعو شيدي 1

جمعو شيدي1: (1939-1999ع) جمعو شيدي سنڌ جو مشھور ۽ اعليٰ درجي جو بورچي ٿي گذريو آهي، سندس وڏا سيد ڇٽن شاھہ جي حويليءَ جا خاص خدمتگار هئا. رڌَ جو فن درگاهن، سيدن جي حويلي ۽ امين جي بنگلن تي ڪم ڪندي سکيائين. جمعي شيدي عام تعليم تہ ڪا نہ پرائي، پر محفلن، خانقاهن، وزيرن، مشيرن ۽ عالمن سان صحبت سبب گفتار ۽ ڪردار جو ڌڻي هو. جوانيءَ ۾ شادي ڪيائين، ڪجهہ عرصي بعد سندس زال گذاري وئي. ان کانپوءِ درگاھہ سيد ڇٽن شاھہ شاهي بازار هيرآباد ۾ اچي سيد گاجن شاھہ وٽ جو ٿيو ۽ سڄي حياتي انهيءَ درگاھہ ۾ گذاريائين.
جمعي شيدي جي جيئن تہ درگاهن جي پيرن فقيرن، عالمن، فنڪارن، پهلوانن سان محبت هئي، ان ڪري هر وڏي دعوت تي کيس اڪثر گهرايو ويندو هو. هن کي ڪيترا نسخا، حڪمت جون ڳالهيون، دوائون ۽ وڏن وڏن ماڻهن جا قصا ياد هوندا هئا. ان دور جو اهڙو ڪو مشڪل فنڪار هوندو هو، جنهن کي هن نہ ٻڌو هجي. سندس ذهن ايترو شاهوڪار هو، جو ڪو بہ ڪلام يا ڌُن هڪدم ياد ڪري وٺندو هو.
جمعو شيدي سڄيءَ سنڌ ۾ سيد گاجن شاھہ جي اجازت سان بورچڪو ڪم ڪرڻ ويندو هو. درگاھہ جو هر ڪاڄ جمعي شيدي جي بِلي هوندو هو. هو هڪ ئي وقت سؤ سؤ ديڳيون ساڳئي ذائقي، سواد ۽ وزن جون ٺاهڻ ۾ ڪمال رکندو هو، نہ رڳو پلاءُ، برياني طهري، چاشني ٺاهي ڄاڻندو هو، پر ننڍي ۽ وڏي جو ٻوڙ، هڏو ڀت، ڪوفتا، حلوو، وائيٽ روسٽ، ڀاڄيون، پليءَ جو پلاءُ ۽ آئسڪريم ٺاهڻ جو بہ ماهر هو. وڏي ڳالھہ اها تہ کاڌي جو سامان مالڪ سان گڏ پاڻ وٺڻ ويندو هو ۽ معيار تي ڪا بہ سوديبازي نہ ڪندو هو. ڪا بہ شيءِ ماپي ديڳ ۾ نہ وجهندو هو. ديڳ پچائڻ مھل اڪثر استاد بي بي خان جو ڳايل ڪلام ”دلبر پرينءَ جو مون سان منهن تي نقاب آهي“ ڳائيندو هو. ان کان سواءِ تمام وڏن ڳائڻن جا ڪيترا ڪلام ياد هئس. هن بورچڪي فن جا سوين شاگرد پيدا ڪيا، جن ۾ درگاھہ سيد ڇٽن شاھہ بخاريءَ تي ايندڙ ماڙيجا، ملتان جا سرائيڪي گاجن شاھہ جا مريد، پوليس کاتي جا بورچي، بمبئي بيڪريءَ جا ڪيڪ ٺاهيندڙ ملازم، وڏين هوٽلن جا شيف ۽ بورچي بہ هن کان رهنمائي حاصل ڪندا هئا. هن نامياري بورچيءَ جي وفات 1999ع ڌاري درگاھہ سيد ڇٽن شاھہ، حيدرآباد ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.00.00  عيسوي

جمعو شيدي 1939ع ڌاري جنم ورتو.


1999.00.00  عيسوي

جمعي شيدي 1999ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام شبير قريشي
صغير الاهي کچي
فاطمہ جناح
جميلا نرگس
ڀڳوان اٽلاڻي
شيخ عبدالحفيظ ڊاڪٽر
امام بخش شر
سورٺ ٿيٻو
استاد نبي بخش مڱڻهار
چرن سنگهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون