جمعو شيدي
جمعو شيدي1: (1939-1999ع) جمعو شيدي سنڌ جو مشهور ۽ اعليٰ درجي جو بورچي ٿي گذريو آهي، سندس وڏا سيد ڇٽن شاهه جي حويليءَ جا خاص خدمتگار هئا. رڌَ جو فن درگاهن، سيدن جي حويلي ۽ امين جي بنگلن تي ڪم ڪندي سکيائين. جمعي شيدي عام تعليم ته ڪا نه پرائي، پر محفلن، خانقاهن، وزيرن، مشيرن ۽ عالمن سان صحبت سبب گفتار ۽ ڪردار جو ڌڻي هو. جوانيءَ ۾ شادي ڪيائين، ڪجهه عرصي بعد سندس زال گذاري وئي. ان کانپوءِ درگاهه سيد ڇٽن شاهه شاهي بازار هيرآباد ۾ اچي سيد گاجن شاهه وٽ جو ٿيو ۽ سڄي حياتي انهيءَ درگاهه ۾ گذاريائين.
جمعي شيدي جي جيئن ته درگاهن جي پيرن فقيرن، عالمن، فنڪارن، پهلوانن سان محبت هئي، ان ڪري هر وڏي دعوت تي کيس اڪثر گهرايو ويندو هو. هن کي ڪيترا نسخا، حڪمت جون ڳالهيون، دوائون ۽ وڏن وڏن ماڻهن جا قصا ياد هوندا هئا. ان دور جو اهڙو ڪو مشڪل فنڪار هوندو هو، جنهن کي هن نه ٻڌو هجي. سندس ذهن ايترو شاهوڪار هو، جو ڪو به ڪلام يا ڌُن هڪدم ياد ڪري وٺندو هو.
جمعو شيدي سڄيءَ سنڌ ۾ سيد گاجن شاهه جي اجازت سان بورچڪو ڪم ڪرڻ ويندو هو. درگاهه جو هر ڪاڄ جمعي شيدي جي بِلي هوندو هو. هو هڪ ئي وقت سؤ سؤ ديڳيون ساڳئي ذائقي، سواد ۽ وزن جون ٺاهڻ ۾ ڪمال رکندو هو، نه رڳو پلاءُ، برياني طهري، چاشني ٺاهي ڄاڻندو هو، پر ننڍي ۽ وڏي جو ٻوڙ، هڏو ڀت، ڪوفتا، حلوو، وائيٽ روسٽ، ڀاڄيون، پليءَ جو پلاءُ ۽ آئسڪريم ٺاهڻ جو به ماهر هو. وڏي ڳالهه اها ته کاڌي جو سامان مالڪ سان گڏ پاڻ وٺڻ ويندو هو ۽ معيار تي ڪا به سوديبازي نه ڪندو هو. ڪا به شيءِ ماپي ديڳ ۾ نه وجهندو هو. ديڳ پچائڻ مهل اڪثر استاد بي بي خان جو ڳايل ڪلام ”دلبر پرينءَ جو مون سان منهن تي نقاب آهي“ ڳائيندو هو. ان کان سواءِ تمام وڏن ڳائڻن جا ڪيترا ڪلام ياد هئس. هن بورچڪي فن جا سوين شاگرد پيدا ڪيا، جن ۾ درگاهه سيد ڇٽن شاهه بخاريءَ تي ايندڙ ماڙيجا، ملتان جا سرائيڪي گاجن شاهه جا مريد، پوليس کاتي جا بورچي، بمبئي بيڪريءَ جا ڪيڪ ٺاهيندڙ ملازم، وڏين هوٽلن جا شيف ۽ بورچي به هن کان رهنمائي حاصل ڪندا هئا. هن نامياري بورچيءَ جي وفات 1999ع ڌاري درگاهه سيد ڇٽن شاهه، حيدرآباد ۾ ٿي.
1939.00.00 عيسوي
جمعو شيدي 1939ع ڌاري جنم ورتو.
1999.00.00 عيسوي
جمعي شيدي 1999ع ۾ وفات ڪئي.