جمعو شيدي

جمعو شيدي

جمعو شيدي 2

جمعو شيدي2 ( ملھہ پهلوان ):سنڌ جي هن ڀلوڙ ملھہ پهلوان جو اصل ڳوٺ ٽنڊو ڄام آهي . ملھہ سکڻ جو شوق هن کي ملھہ پهلوانن کي ڏسندي پيدا ٿيو . بعد ۾ هن بہ ملھہ سکڻ شروع ڪئي . سڀ کان پهرين هن پهلوان استاد آبو ٻتڙ کان شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌايو ۽ ٻئي جوڙ کان ملھہ وڙهندو رهيو . هي پهلوان لاڙ جي طرف کان ملھہ وڙهندو هو ۽ لاڙ جي ملهن ۾ تمام مشھور هو . آخر ۾ هي پهرين جوڙ ۾ ملھہ وڙهندو هو . سن 1922ع ڌاري هن پهلوان جو ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ ميرن جي هڪ ملاکڙي ۾ وڃڻ ٿيو . هن سان گڏ ان وقت لاڙ جا ٻيا ٻہ مشھور ملھہ ، فقيرو ، ڪوٽڙيءَ وارو ۽ والو شيدي ، حيدرآباد وارو گڏ هئا . هي ٽئي پهلوان جڏهن ڪوٽ ڏيجيءَ ويجهو پهتا تہ رستي ۾ هنن جي ملاقات هڪ پيرسن عورت سان ٿي . هن عورت جي باري ۾ اهو مشھور آهي تہ هوءَ سيد گهراڻي سان تعلق رکندڙ هئي . هنن ٽنهي پهلوانن پاڻي پيڻ جي خيال سان هن پوڙهيءَ جي گهر صدا هنئي . چون ٿا تہ پوڙهي هنن کي پاڻي بہ پياري رهي هئي تہ عجيب احساس ڀرين نظرن سان ڏانهن ڏسندي بہ ٿي رهي . ان ڳالھہ کي محسوس ڪندي جمعي ڄامائي پوڙهيءَ کان پڇيو امان! تون اسان ڏانهن اهڙين نظرن سان ڇو ڏسي رهي آهين؟ مائي جواب ڏنو تہ :ابا! منهنجو ٻچڙو بہ اوهان جهڙو ئي پهلوان آهي ، مگر هن وقت هو ’ڏيجي جي ڪوٽ ‘ تي چڙهيل آهي . هيءَ سزا خيرپور رياست ۾ تمام سخت هوندي هئي ۽ ان لاءِ اڪثر چيو ويندو آهي تہ اها عمر قيد جي سزا هوندي آهي . هنن پهلوانن مائيءَ سان انجام ڪيو تہ امان! دعا ڪجئين تہ شل فتح ٿئي تہ تنهنجو پٽ اسان مير صاحبن کان انعام جي بدلي ۾ ڇڏائي اينداسين .
مائيءَ کان موڪلائي ، هي ٽيئي پهلوان ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ ميرن جي بنگلي تي پهتا ۽ ملاکڙي ۾ شرڪت ڪيائون . ملاکڙي ۾ جمعي ڄامائيءَ جو مقابلو انهيءَ وقت جي اتر جي هڪ مشھور ملھہ ولو شيخ سان ٿيو ۽ انهيءَ ملاکڙي ۾ جمعي شيديءَ کي ڪاميابي نصيب ٿي . مير صاحبن خوشيءَ ۾ کيس انعام ڏيندي چيو تہ ” پهلوان! ٻڌاءِ تہ تو کي ڇا گهرجي؟ پهلوان هٿ ٻڌي عرض ڪيو: قبلہ! گستاخي معاف ٿئي تہ هڪ عرض ڪريان؟ مير صاحبن چيو تہ: ” گهُر جيڪي گهرڻو هجيئي؟ “ پهلوان پنھنجي وعدي موجب پوڙهيءَ جي پٽ جي آزاديءَ لاءِ عرض ڪيو ۽ مير صاحبن بہ پنھنجي انجام موجب جمعي جي اها خواهش پوري ڪئي . جمعي اچي پوڙهيءَ وٽ سندس پٽ کي حاضر ڪيو .
جمعو ڄامائي مير شير محمد خان ’شير ‘ ( ٽالپر ٽنڊي ڄام واري ) جو پهلوان سڏبو هو . پاڻ هڪ غريب مزدور گهراڻي جو چشم و چراغ هو . جمعي ڄامائي پنجاھہ سالن جي عمر ۾ پنھنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي . سندس معاش جو ذريعو ڪارب سان ڪچيون سرون ٺاهڻ هو . سندس وفات جو سن 32-1930 چيو وڃي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو