جمعو شيدي

جمعو شيدي

جمعو شيدي 2

جمعو شيدي2 ( ملھہ پهلوان ):سنڌ جي هن ڀلوڙ ملھہ پهلوان جو اصل ڳوٺ ٽنڊو ڄام آهي . ملھہ سکڻ جو شوق هن کي ملھہ پهلوانن کي ڏسندي پيدا ٿيو . بعد ۾ هن بہ ملھہ سکڻ شروع ڪئي . سڀ کان پهرين هن پهلوان استاد آبو ٻتڙ کان شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌايو ۽ ٻئي جوڙ کان ملھہ وڙهندو رهيو . هي پهلوان لاڙ جي طرف کان ملھہ وڙهندو هو ۽ لاڙ جي ملهن ۾ تمام مشھور هو . آخر ۾ هي پهرين جوڙ ۾ ملھہ وڙهندو هو . سن 1922ع ڌاري هن پهلوان جو ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ ميرن جي هڪ ملاکڙي ۾ وڃڻ ٿيو . هن سان گڏ ان وقت لاڙ جا ٻيا ٻہ مشھور ملھہ ، فقيرو ، ڪوٽڙيءَ وارو ۽ والو شيدي ، حيدرآباد وارو گڏ هئا . هي ٽئي پهلوان جڏهن ڪوٽ ڏيجيءَ ويجهو پهتا تہ رستي ۾ هنن جي ملاقات هڪ پيرسن عورت سان ٿي . هن عورت جي باري ۾ اهو مشھور آهي تہ هوءَ سيد گهراڻي سان تعلق رکندڙ هئي . هنن ٽنهي پهلوانن پاڻي پيڻ جي خيال سان هن پوڙهيءَ جي گهر صدا هنئي . چون ٿا تہ پوڙهي هنن کي پاڻي بہ پياري رهي هئي تہ عجيب احساس ڀرين نظرن سان ڏانهن ڏسندي بہ ٿي رهي . ان ڳالھہ کي محسوس ڪندي جمعي ڄامائي پوڙهيءَ کان پڇيو امان! تون اسان ڏانهن اهڙين نظرن سان ڇو ڏسي رهي آهين؟ مائي جواب ڏنو تہ :ابا! منهنجو ٻچڙو بہ اوهان جهڙو ئي پهلوان آهي ، مگر هن وقت هو ’ڏيجي جي ڪوٽ ‘ تي چڙهيل آهي . هيءَ سزا خيرپور رياست ۾ تمام سخت هوندي هئي ۽ ان لاءِ اڪثر چيو ويندو آهي تہ اها عمر قيد جي سزا هوندي آهي . هنن پهلوانن مائيءَ سان انجام ڪيو تہ امان! دعا ڪجئين تہ شل فتح ٿئي تہ تنهنجو پٽ اسان مير صاحبن کان انعام جي بدلي ۾ ڇڏائي اينداسين .
مائيءَ کان موڪلائي ، هي ٽيئي پهلوان ڪوٽ ڏيجيءَ ۾ ميرن جي بنگلي تي پهتا ۽ ملاکڙي ۾ شرڪت ڪيائون . ملاکڙي ۾ جمعي ڄامائيءَ جو مقابلو انهيءَ وقت جي اتر جي هڪ مشھور ملھہ ولو شيخ سان ٿيو ۽ انهيءَ ملاکڙي ۾ جمعي شيديءَ کي ڪاميابي نصيب ٿي . مير صاحبن خوشيءَ ۾ کيس انعام ڏيندي چيو تہ ” پهلوان! ٻڌاءِ تہ تو کي ڇا گهرجي؟ پهلوان هٿ ٻڌي عرض ڪيو: قبلہ! گستاخي معاف ٿئي تہ هڪ عرض ڪريان؟ مير صاحبن چيو تہ: ” گهُر جيڪي گهرڻو هجيئي؟ “ پهلوان پنھنجي وعدي موجب پوڙهيءَ جي پٽ جي آزاديءَ لاءِ عرض ڪيو ۽ مير صاحبن بہ پنھنجي انجام موجب جمعي جي اها خواهش پوري ڪئي . جمعي اچي پوڙهيءَ وٽ سندس پٽ کي حاضر ڪيو .
جمعو ڄامائي مير شير محمد خان ’شير ‘ ( ٽالپر ٽنڊي ڄام واري ) جو پهلوان سڏبو هو . پاڻ هڪ غريب مزدور گهراڻي جو چشم و چراغ هو . جمعي ڄامائي پنجاھہ سالن جي عمر ۾ پنھنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي . سندس معاش جو ذريعو ڪارب سان ڪچيون سرون ٺاهڻ هو . سندس وفات جو سن 32-1930 چيو وڃي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.00.00  عيسوي

جمعو شيدي اندازاً 1930ع ڌاري وفات ڪري وويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ادريس لغاري
سيد غلام مصطفيٰ شاھہ
ڀيو ڪوڙا خان
ڄام فتح خان
جوڻيجو حيدر خان
اڪبر اديب
شھاب الدين غوري
اختر بلوچ
دوستو وسڪي
حمر شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون