
جمعو فقير جوڙ
جمعو فقير جوڙ: جمعو نامور شھنائي نواز ٿي گذريو آهي، جنهن جو جوڙ سڄيءَ سنڌ ۾ تمام گهڻو مشھور هو. جيڪي حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين درگاهن ۽ پڙن، ميلن، شادين ۽ ٻين ثقافتي پروگرامن ۾ شهنائيءَ تي سنڌي لوڪ ڌنون وڄائيندا هئا، حيدرآباد جي مشھور بزرگ سيد ڇٽن شاھہ جي درگاھہ تي ڇٽن شاھہ جي حياتيءَ کان وٺي جمعي فقير جو جوڙ حاضري ڀريندو هو، ان کان سواءِ نٿو شاھہ ۽ زوار شاھہ جي پِڙ، سنڌ ۽ ملتان جي وڏين خانقاهن تي پنھنجي فن جو مظاهرو بہ ڪندا هئا، ’جوڙ‘ ٽولي کي چئبو آهي، ان جوڙ ۾ دهل، شرنائي، بين وڄائبي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ٻہ دهل ۽ ٻہ شرنائي بہ وڄايون وينديون آهن .