جمعو فقير

جمعو فقير

جمعو فقير 2

جمعو فقير2: جمعو فقير نامور نغاري نواز ٿي گذريو آهي، هن 1933ع ڌاري ميوي فقير مڱڻهار جي گهر ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. هن بنيادي تعليم ۽ فن جي سکيا والد کان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ لئي ۽ تال جي گهڻن گرن جي سکيا استاد بي بي خان، استاد پير بخش خان ۽ استاد جمالي خان کان ورتائين. هو خاص ڪري محرم الحرام جي مهيني ۾ امام حسين عليہ السّلام جي شان ۾ حيدرآباد ۽ سنڌ جي وڏن وڏن پڙن ۽ درگاهن تي وڃي مرثيا ۽ نوحا چوندو ۽ تال وڄائيندو هو. سنڌ سميت پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ بہ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيائين ۽ 1986ع ڌاري ڪئناڊا ۽ آفريڪا ۾ بہ وڃي پنهنجو فن جو مظاهرو ڪيائين. هن ڪيترن ئي شاگردن کي پنھنجي فن جي سکيا ڏني، جن ۾ قاسم فقير، اعجاز فقير، اياز حسين، ڪرم حسين، ممتاز علي، تنوير حسين، فياض حسين، پپو فقير ۽ ٻيا اهم آهن.
جمعي فقير 1988ع ڌاري وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.00.00  عيسوي

جمعو فقير 1933ع ڌاري حيدرآباد ۾ جنم ورتو.


1988.00.00  عيسوي

جمعو فقير 1988ع ڌاري وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڊنشا هوشنگ نادر شاھہ
رهيجا تولارام ڪنئيها لال
سيد محمد علي شاھہ
الھڏنو خاصخيلي فقير
حاجي خان محمد مڱريو
ڄام نظام الدين (پهريون)
بروهي علي احمد
قمرالدين چانڊيو
روهن سپي
حافظ عبدالرحيم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون