جمعو مُلون

جمعو مُلون: جمعو، شاھہ لطيفرح جي عقيدتمند ۽ خدمتگار طور مشھور هو، هيءُ اصل گوهري ڪڇ واري علائقي جو رهاڪو هو. جڏهن شاھہ صاحب ڪڇ ڏانهن ويو هو تہ اتان جي ملن عقيدت طور جمعي کي ڀٽائيءَ جي خدمت چاڪريءَ لاءِ حوالي ڪيو. هيءُ ان وقت ٻار هو، پر مرشد سان محبت سبب سنڌ هليو آيو ۽ سڄي عمر شاھہ لطيف خدمت ڪندي گذاريائين. هن شاھہ صاحب جي صحبت ۾ رهي فيض پرايو، اڳتي هلي مرشد جي اجازت سان جاتيءَ کان ڇھہ ميل اتر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. روحاني رمزن سان اوتارو سڀني لاءِ هر پل کليو پيو هوندو هو. نگر عام پيو هلندو هو، انهيءَ سخاوت جي ڪري عثمان غنيرضه جي نسبت سان غنياڻي بہ سڏبو هو. سندس سخاوت جي هاڪ هر هنڌ مشھور هئي. شاھہ لطيف ايندي ويندي وٽس اچي ترسندو هو ۽ سندس آسودگي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيندو هو. شاھہ صاحب جي وفات کانپوءِ جمعو ملون ڀٽ شاھہ تي حاضري ڀرڻ لاءِ ويندو هو. جنهن ڳوٺ ۾ رهيو اتي سندس رهائش واري جاءِ کي ’شاھہ جو تڪيو‘ سڏيو ويو. ان ڳوٺ ۾ ئي وفات ڪيائين ۽ کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو