جمعيت الشعراءِ سنڌ: جمعيت الشعراءِ سنڌ 1946ع ۾ ستين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي جي موقعي تي قائم ڪئي وئي. هن جماعت جو باني غلام احمد نظامي هو، جمعيت جا شروعاتي عهديدار هيٺيان هئا: شيخ محمد ابراهيم (صدر)، رئيس ضياءُ الدين ضيا ۽ عبدالفتاح عبد عاقلي (نائب صدر)، حاجي محمود خادم (جنرل سيڪريٽري، خزانچي ۽ مئنيجر رساله)، عبدالله اثر ۽ سرور علي سرور (جوائنٽ سيڪريٽري)، غلام احمد نظامي (رسالي جو ايڊيٽر). جمعيت الشعراءِ جا هيٺيان مقصد هئا: (1) سنڌي شعر ۽ شاعريءَ کي ترقي ڏيارڻ، (2) نون ۽ سکندڙ شاعرن جي صـحيـح رهـنمائي ڪرڻ، (3) شاعريءَ جي بگاڙ تي واجبي تنقيد ڪرڻ، (4) سنڌي لغت تيار ڪرڻ لاءِ تحرڪ وٺڻ، (5) شاعريءَ جا قلمي نسخا هٿ ڪري ڇپرائڻ، (6) شاعري سيکارڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ڪتاب تيار ڪرائڻ، (7) تعليمي ادارن ۾ مشاعرن جو اهتمام ڪرڻ، (8) سنڌي ساهت جي هڪ مرڪزي عاليشان لائبريري قائم ڪرڻ، (9) تعليم کاتي جي ڪتابن جي شاعريءَ واري حصي تي نظر رکڻ ۽ ان جي ڪمي بيشيءَ جي درستيءَ لاءِ مناسب نموني تحرڪ وٺڻ. جمعيت الشعراءِ سنڌ جي قائم ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي ڪيترين ادبي بزمن هن جماعت سان الحاق ڪيو، جن مان ڪجهه هيٺيون هيون: (1) بـزم مشـاعره، لاڙڪاڻو (سـنـڌي سـڌار سـوسـائٽي)، (2) بزم ادب، ڪراچي، (3) بزم ادب، دادو، (4) بزم بلبل، ميهڙ، (5) بزم ادب، نوابشاهه، (6) بـزم ادب، جيـڪـب آباد، (7) بزم ناز، خيـرپـورميـرس، (8) بـزم تارڪ، گهوٽڪي، (9) بزم نظامي، ڪراچي، (10) محفل احباب، ڪراچي وغيره. جمعيت الشعراءِ جي ڪوششن سان 15 ’ڪل سنڌي ادبي ڪانفرنسون‘ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ منعقد ٿيون، جن نه صرف سنڌي غزل کي اڳتي وڌايو، پر سنڌي زبان جي ڪيترن ئي مسئلن جي نشاندهي ڪئي ۽ انهن کي حل ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. 1946ع کان 1956ع تائين ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘، جمعيت الشعراء جو صدر رهيو، ان کان پوءِ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ صدر ٿيو. 1946ع کان 1960ع تائين حاجي محمود خادم جمعيت جو جنرل سيڪريٽري رهيو. ان کان پوءِ اظـهـر گيـلانـي، امـيــر بخـش قريـشي ۽ محمد علي جوهر سـيـڪـريٽـري ٿيـا. سٺ واري ڏهاڪي کان پوءِ جمعيت الشعراء جو اوج گهٽبو ويو.