جمنا ندي

جمنا ندي

جمنا ندي

جمنا ندي: اتر هندستان ۾ ’جمنا‘، گنگا مان نڪرندڙ وڏي ۾ وڏي ندي آهي. هي ’يامونتري گليشيئر‘ مان 6387 ميٽرن جي بلنديءَ تان نڪري ٿي، بعد ۾ هماليہ جي هيٺانهينءَ کان ڏکڻ اولھہ ۾ ’بندر پوچ‘ جي چوٽين کان گذرندي 1376 ڪلوميٽر جو مفاصلو طئہ ڪري گنگا جي درياهي وهڪري ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي. هيءَ ندي ڪيترن رياستن، جھڙوڪ: اتر کنڊ، هريانه، اتر پرديش، هماچل پرديش ۽ بعد ۾ دهليءَ مان گذرندي، رستي ۾ ٻين ڪيترن واهن جھڙوڪ: ’تونس‘، چمبل، سنڌ، ’بيٽوا‘ ۽ ’ڪين‘ سان وڃي ملي ٿي. سڀ کان اهم ڳالھہ اها آهي تہ هيءَ ندي جمنا گنگا دوآبي واري علائقي ۽ هندستاني گنگا واري ميداني علائقي جي وچ ۾ هڪ وڏو زرخيز علائقو ٺاهي ٿي، اٽڪل 57 ملين ماڻهو جمنا نديءَ جي پاڻيءَ تي مدار رکن ٿا. گنگا نديءَ وانگر جمنا نديءَ کي بہ هندو ڌرم ۾ پوتر ندي سمجهيو وڃي ٿو ۽ اوائلي دور کان هندو ڌرم وارا ان نديءَ جي جمنا ديويءَ جي حيثيت سان پوڄا ڪندا آيا آهن ۽ هن کي سج جي خدا ’سوريه‘ جي ڌيءُ ۽ ’موت جي خدا‘ ’ياما‘ جي ڀيڻ چوندا آهن. تنهنڪري جمنا کي سنسڪرت ۾ ’يامي‘ جي نالي سان سڏيندا آهن. جمنا نديءَ جو پاڻي ڪافي حد تائين شفاف آهي، پر هماليہ کان وزيرستان ۽ دهليءَ تائين اٽڪل 375ڪلوميٽر جي مفاصلي تي گندي پاڻيءَ جو نيڪال 15 نالن مان گذري وزيرآباد بئريج ۽ اوکلا بئريج مان بيحد گدلو ٿي، دهليءَ ۾ پهچي ٿو. درياھہ ۾ آبي گدلاڻ جا ڪيترائي ذريعا آهن، جھڙوڪ: گهريلو گند ڪچرو، ميونسپل جو گند ڪچرو، ٻيلن جي واڍيءَ سبب پيدا ٿيندڙ گند، گوچر، زهريلين دوائن، ٻوٽين، ڪيميائي ڪارخانن سان ۽ ٻين ڪيترن جمنا جي پاڻيءَ کي گدلو ڪري ٿو.
جيئن تہ جمنا ندي، ’يامنوتري گليشيئر‘ مان نڪري ٿي، ان ڪري ان جڳھہ تي ’يامونتري‘ نالي مندر تعمير ڪيو ويو آهي. مندر هندو ڌرم اهم مقدس ياترائن مان هڪ آهي. جمنا نديءَ جي پاڻيءَ جي وهڪري جي ايراضي 2320 ڪلوميٽر ٿيندي جمنا نديءَ مان نڪرندڙ وڏي ۾ وڏو واھہ ’تونس‘ آهي، جيڪو ’هڙي-ڪي دن‘ ماٿريءَ مان نڪري ٿو. ان کانسواءِ ٻين ننڍن واهن ۾ گري، ريشي گنگا، ڪنتا، هنومان گنگا ۽ باٽا واھہ شامل آهن. سکن جي زيارتگاھہ پنوٽه صاحب وٽان گذرڻ کان پوءِ جمنا ندي ’تيمو نانگر‘، ’تجويلا‘ ضلعي هرياڻي پهچي اتي تعمير ٿيل هڪ ڊيم کي ڀري ٿي، جيڪو 1873ع ۾ ٺهيو هو، جنهن مان ٻہ واھہ نڪرن ٿا، جيڪي رياست اتر پرديش ۽ هرياڻا کي آباد ڪن ٿا.
جمنا نديءَ جي ڪناري تي جيڪي شھر آباد آهن، اتي هر سال ’ڪمڀ‘ نالي تاريخي ميلو لڳندو آهي، ڪمڀ ميلي ۾ لکين ياتري دهليءَ، نوديا، مٿرا، آگرا، فيروزآباد، سنڌ، ڪلپي، هميرپور، الھہ آباد کان اچي جمنا نديءَ جي پوتر پاڻيءَ ۾ وهنجندا آهن ۽ سندن عقيدو آهي تہ انهن جا گناھہ ڌوپجي ويندا آهن. سنسڪرت ۾ جمنا جي معنيٰ جاڙي بہ آهي، اهو ان ڪري جو گنگا جمنا هڪ ٻئي سان گڏ وهن ٿيون. جمنا نديءَ جو ذڪر رگويد ۾ بہ ڪيترا ڀيرا آيو آهي، ان کانسواءِ اٿرويد، اکِتريه، شاپتا ۽ برهمنا ۾ بہ جمنا جو ذڪر ٿيل آهي. رگويد ۾ جمنا جي هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي، ان ۾ اهو لکيل آهي تہ ’کيمنا ديويءَ‘ کي پنھنجي جاڙن ٻارن سان بيحت محبت هوندي هئي، منجهيس وڏيون روحاني خوبيون بہ هيون، پاڪ دامن ۽ مدبر سمجهيو ويندو هو، هئي، ’يمانا‘ وري پيار ۽ محبت جي علامت هئي، تنهنڪري ان جا عقيدتمند سمجهندا هئا تہ اها کين موت کان نجات ڏياريندي. ڪن عالمن جو چوڻ آهي تہ ’يمنا‘ گهاگهر نديءَ جي هڪ شاخ هئي، جنهن کي رگويد ۾ ’سَرِسَوتي‘ بہ سڏيو ويو آهي، ماضيءَ ۾ ان کي ’سپت سنڌو‘ بہ ڪوٺيندا هئا، يعني ’ستن ندين جو ميلاپ‘. جمنا پنهنجو رخ اوڀر کان تڏهن مٽايو، جڏهن اترهندستان ۾ زمين جي اندرين پليٽن ۾ تحرڪ آيو ۽ جمنا، گنگا جي شاخ ٿي وئي، اهو بہ چيو وڃي ٿو تہ جڏهن سرسوتي ندي سڪي وئي تہ ڪيتريون ئي آباد تهذيبون ختم ٿي ويون ۽ جنهن جي نتيجي طور ٿر وجود ۾ آيو هو.
گنگا ۽ جمنا هندستان جي تاريخ ۾ ان حوالي سان بہ اهميت جون حامل آهن، جو انهن جي ڪنارن تي ڪيتريون ئي شهنشاهتون پنهنجا ڪمال ۽ زوال ڏسي چڪيون آهن، انهن شهنشاهتن ۾ سنگا شهنشاهت (280-550CE) چندر گپتا شهنشاهت قابل ذڪر آهن. انهن بادشاهن ۽ شهنشاهتن جي اوج واري دؤر ۾ بہ هنن ندين کي مقدس سمجهيو ويندو هو. ايستائين جو ڪيترن ئي شاهي مهرن تي ۽ درگاهن ۾ انهن ندين جا عڪس ملن ٿا. جمنا نديءَ مان ٻيون بہ ڪيتريون ئي نهرون ۽ واھہ نڪرن ٿا، جيڪي سڄي هندستان کي سيراب ۽ سرسبز بنائين ٿا. ’تونس‘ واھہ جمنا مان نڪرندڙ وڏي ۾ وڏو واھہ آهي، جمنا نديءَ جي اهميت وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار ننڍين نهرن، بئريجن ۽ واهن جو آهي، اهي سڀ درياهي وهڪرا هن نديءَ مان نڪرن ٿا، چوڏهين صدي ڌاري تغلق گهراڻي هن نديءَ جي ڀرسان ’نھر بھشت‘ نالي واھہ کوٽايو، جنهن کي بعد ۾ مغلن بہ وڌايو ۽ ترقي وٺرائي. هن وقت جمنا ندي اترئين ميداني علائقن مان گذري ٿي تہ ’ڊڪ پٿر‘ وٽ 790 ميٽر بلنديءَ تي ان مان ٻہ واھہ نڪرن ٿا،جيڪي اوڀر ۽ اولھہ جمنا واھہ سڏجن ٿا. اهي ساڳيا واھہ آسام بئريج کي ڀرين ٿا، جيڪي ’ڊون ماٿريءَ‘ مان گذري دهليءَ کان جنهن وقت گذرن ٿا تہ آگرا واھہ کي ڀرين ٿا.
جمنا ندي جهنگلي جيوت لاءِ وڏو سهارو آهي، جنهن کي ايشيائي هاٿين جي سرحد بہ سڏيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ جمنا جي اولھہ ۾ 900 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي هاٿي نہ ٿا ملن. هتي جي ڪجهہ اهم ٻيلن ۾ سَل خير (Acacia) ۽ سيشو (Rose wood) ۽ چرپائين اچي وڃن ٿا. جمنا نديءَ جو پاڻي گنگا جي ڀيٽ ۾ نيرو آهي، جڏهن تہ گنگا جو پاڻي هلڪو زردو نظر ايندو آهي، تيزيءَ سان وڌندڙ آباديءَ ۽ صنعت ۾ ترقيءَ ڪري جمنا ندي دنيا جي گدلين ندين ۾ شمار ٿئي ٿي، خصوصاً دارالحڪومت دهليءَ جي آسپاس جو 58 سيڪڙو گند ڪچرو هن نديءَ ۾ اڇليو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ڀارت سرڪار نديءَ کي صاف ڪرڻ لاءِ 500 ملين خرچ ڪري چڪي آهي، ان هوندي بہ سال جا 9 مهينا هن نديءَ ۾ گدلو پاڻي وهندو رهي ٿو.
شاھجھان بادشاھہ جي محبت جو يادگار تاج محل جمنا جي ڪناري تي ٺهيل آهي، ان کانسواءِ دهلي، مٿرا، آگرو، ايٽا واھہ ۽ ڪپلي نالي شھر بہ جمنا جي ڪناري تي ٻڌل آهن، هيءَ ندي 380 59’ اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 780 27’ اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي هندستان جي حدن اندر موجود آهي. هن نديءَ جي ڊيگهہ 1376 ڪلوميٽر (Catchments Area) آهي، جڏهن تہ ان جو ڦهلاءُ (Basin) بادشاھہ جي 366223 ڪلوميٽرن ۾ آهي، جيڪا گنگا ندي جي ڦهلاءَ (Basin) جو 42.2% آهي. اٽڪل 57 ملين ماڻهن جو روزگار هن نديءَ سان وابستہ آهي. هن نديءَ جو ڏھہ هزار ڪيوبڪ بلين ميٽر ساليانو وهڪرو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. جڏهن تہ اٽڪل 4400 ڪيوبڪ ميٽر پاڻي زراعت لاءِ استعمال هيٺ آندو وڃي ٿو.


لفظ جمنا نديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو