جمن شاهه جيلاني

جمن شاهه جيلاني

جمن شاهه جيلاني

جمن شاهه جيلاني: پير سيد جمن شاهه جيلاني 1930ع ڌاري درگاهه ”ڊٺڙي شريف“ جي پهرئين گادي نشين ســيـد ڏنـل شــاهه جـي گهـر ۾ ڊٺـڙي، ضـلعـي سـانگهـڙ ۾ جـنـم ورتـو. هـن ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حـاصـل ڪـئـي، ان کـان پـوءِ مـدرسي درگـاهه حـسـن بـخـش شـاهه مان قرآن شريف کان سواءِ ٻي ديني تعليم پڻ حاصل ڪيائين. هو نيڪ ۽ پرهيزگار شـخـص هــو. سـنـڌ جـي تـمام گهڻين درگاهن تي ساليانو حاضري ڏيندو هو. پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ درگاهه ۽ اوطاق تي لنگر جو سلسلو برقرار رکيائين، هر جمعي تي نماز کانپوءِ صوفياڻو راڳ منعقد ڪرائيندو هو. جمن شاهه، احمد آباد واري جو ساليانو ميلو لڳرائيندو هو ۽ صوفياڻي محفل سان گڏ لنگر جو انتظام به پنهنجي خرچ تي ڪندو هو. هن قاضي احمد لڳ قائم درگاهه سيد ڪامل شاهه جي روضي جو ڪم به ڪرايو ۽ اتي مسجد ۽ مسافر خانو به تعمير ڪرايائين. پير صاحب جيسين تائين حال حيات هو سندس اوطاق تي سڄو ڏينهن ڪچهريون ۽ محفلون لڳل هونديون هيون. درگاهه حسن بخش شاهه جيلانيءَ تي نئين سر مسجد تعمير ڪرايائين ۽ مدرسي جو سڄو خرچ ذاتي آمدنيءَ مان ڪندو هو. هن جنوري 2005ع ۾ وفات ڪئي. کيس حسن بخش شاهه ڊٺڙي واري درگاهه ۾ دفنايو ويو .


لفظ جمن شاهه جيلانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.00.00  عيسوي

پير سيد جمن شاهه جيلاني 1930ع ڌاري درگاهه ” ڊٺڙي شريف “ جي پهرئين گادي نشين ســيـد ڏنـل شــاهه جـي گهـر ۾ ڊٺـڙي ، ضـلعـي سـانگهـڙ ۾ جـنـم ورتـو .


2005.01.00  عيسوي

جمن شاهه جيلاني جنوري 2005ع ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي
رائو شيرالزمان
پٽيل ولڀ ڀائي
صوف فقير
خواجه خيرالدين
پانڌي خان لغاري اول
دين محمد سيد
سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ڪندڙ عالم ۽ محقق
ديبلي ابو عبدالله محمد بن عبدالله
عبدالله ٺٽوي مخدوم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون