
جمن شاهه جيلاني
جمن شاھہ جيلاني: پير سيد جمن شاھہ جيلاني 1930ع ڌاري درگاھہ ”ڊٺڙي شريف“ جي پهرئين گادي نشين ســيـد ڏنـل شــاھہ جـي گهـر ۾ ڊٺـڙي، ضـلعـي سـانگهـڙ ۾ جـنـم ورتـو. هـن ابتدائي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حـاصـل ڪـئـي، ان کـان پـوءِ مـدرسي درگـاھہ حـسـن بـخـش شـاھہ مان قرآن شريف کان سواءِ ٻي ديني تعليم پڻ حاصل ڪيائين. هو نيڪ ۽ پرهيزگار شـخـص هــو. سـنـڌ جـي تـمام گهڻين درگاهن تي ساليانو حاضري ڏيندو هو. پنھنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ درگاھہ ۽ اوطاق تي لنگر جو سلسلو برقرار رکيائين، هر جمعي تي نماز کانپوءِ صوفياڻو راڳ منعقد ڪرائيندو هو. جمن شاھہ، احمد آباد واري جو ساليانو ميلو لڳرائيندو هو ۽ صوفياڻي محفل سان گڏ لنگر جو انتظام بہ پنھنجي خرچ تي ڪندو هو. هن قاضي احمد لڳ قائم درگاھہ سيد ڪامل شاھہ جي روضي جو ڪم بہ ڪرايو ۽ اتي مسجد ۽ مسافر خانو بہ تعمير ڪرايائين. پير صاحب جيسين تائين حال حيات هو سندس اوطاق تي سڄو ڏينهن ڪچهريون ۽ محفلون لڳل هونديون هيون. درگاھہ حسن بخش شاھہ جيلانيءَ تي نئين سر مسجد تعمير ڪرايائين ۽ مدرسي جو سڄو خرچ ذاتي آمدنيءَ مان ڪندو هو. هن جنوري 2005ع ۾ وفات ڪئي. کيس حسن بخش شاھہ ڊٺڙي واري درگاھہ ۾ دفنايو ويو .
1930.00.00 عيسوي
پير سيد جمن شاهه جيلاني 1930ع ڌاري درگاهه ” ڊٺڙي شريف “ جي پهرئين گادي نشين ســيـد ڏنـل شــاهه جـي گهـر ۾ ڊٺـڙي ، ضـلعـي سـانگهـڙ ۾ جـنـم ورتـو .
2005.01.00 عيسوي
جمن شاهه جيلاني جنوري 2005ع ۾ وفات ڪئي .