جمن چارڻ: جمن چارڻ جي مدح ۽ ’جمن چارڻ وارو سوال‘، سڄي سنڌ ۾ مشھور آهن. چون ٿا تہ مدح جو هيءُ مشھور شاعر مسڪين، نابين ۽ بي اولاد هو، روايت مدح مقبول پئي ۽ کيس ارشاد ٿيو تہ ڪوبه سوال ڪندين تہ ڌڻي جي درگاه ۾ قبول پوندو. اهو سوال هن طرح ڪيائين تہ ”سوني ٻانهينءَ سان ننهن، پٽ جهوليءَ ۾، کير ولوڙيندي ڏسان“، سنڌ ۾ هن ڳالھہ جون مختلف روايتون آهن، پر ”جمن چارڻ وارو سوال“، ڄڻ هڪ پهاڪي ۽ مثال طور مشھور ٿي ويو.
فقير جمن ولد محمد بخش چارڻ ڳوٺ کهڙا تعلقي گمبٽ جو رهاڪو هو. ڀٽائيءَ جو وڏو معاصر ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت جو هو. مشھور مقولا: ’منجئي بدنام‘، ’پنھنجي مئي مت‘، ’پنجئي گهرجائي‘ ۽ ’پنجئي سهنج‘ وغيرہ. سندس چيل آهن. گلن بابت هڪ سھڻو شعر چيائين ميان نور محمد ۽ قلات جي حاڪم عبدالله خان جي وچ ۾ لڳل جنگ (1144ھہ/ 1731ع) کي بيتن ۾ بيان ڪيائين، پر ’بادشاھہ پير‘ جي شان ۾ چيل سندس مداح سببان هو سڄيءَ سنڌ ۾ ’جمن مداحيءَ‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. سندس قبر پير ڪٽپر جي قبرستان، ضلعي خيرپور ميرس ۾ آهي. جنهن تي هي ڪتبو لڳل آهي:
”تاريخ وفات غفران (پناھہ) رضوان جائگاھہ ميان جمن مداح بتاريخ چهاردم ماھہ رجب و اربعا 1551ھہ“. جمن چارڻ ڀٽائي صاحب کان 14 سال اڳ ڪئي. (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: مداحون ۽ مناجاتون ۾ ص 25، ٻيو ڇاپو 2006ع) .