جمن چارڻ: جمن چارڻ جي مدح ۽ ’جمن چارڻ وارو سوال‘، سڄي سنڌ ۾ مشهور آهن. چون ٿا ته مدح جو هيءُ مشهور شاعر مسڪين، نابين ۽ بي اولاد هو، روايت مدح مقبول پئي ۽ کيس ارشاد ٿيو ته ڪوبه سوال ڪندين ته ڌڻي جي درگاه ۾ قبول پوندو. اهو سوال هن طرح ڪيائين ته ”سوني ٻانهينءَ سان ننهن، پٽ جھوليءَ ۾، کير ولوڙيندي ڏسان“، سنڌ ۾ هن ڳالهه جون مختلف روايتون آهن، پر ”جمن چارڻ وارو سوال“، ڄڻ هڪ پهاڪي ۽ مثال طور مشهور ٿي ويو.
فقير جمن ولد محمد بخش چارڻ ڳوٺ کهڙا تعلقي گمبٽ جو رهاڪو هو. ڀٽائيءَ جو وڏو معاصر ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت جو هو. مشهور مقولا: ’منجئي بدنام‘، ’پنهنجي مئي مت‘، ’پنجئي گهرجائي‘ ۽ ’پنجئي سهنج‘ وغيره. سندس چيل آهن. گلن بابت هڪ سهڻو شعر چيائين ميان نور محمد ۽ قلات جي حاڪم عبدالله خان جي وچ ۾ لڳل جنگ (1144هه/ 1731ع) کي بيتن ۾ بيان ڪيائين، پر ’بادشاهه پير‘ جي شان ۾ چيل سندس مداح سببان هو سڄيءَ سنڌ ۾ ’جمن مداحيءَ‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس قبر پير ڪٽپر جي قبرستان، ضلعي خيرپور ميرس ۾ آهي. جنهن تي هي ڪتبو لڳل آهي:
”تاريخ وفات غفران (پناهه) رضوان جائگاهه ميان جمن مداح بتاريخ چهاردم ماهه رجب و اربعا 1551هه“. جمن چارڻ ڀٽائي صاحب کان 14 سال اڳ ڪئي. (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: مداحون ۽ مناجاتون ۾ ص 25، ٻيو ڇاپو 2006ع) .