جميعل شاهه ڏاتار

جميعل شاهه ڏاتار: هي جميعل شاهه گرناريءَ جي نالي سان به ڄاتو وڃي ٿو. سندس مقبرو ڳوٺ پير پٺي، ضلعي ٺٽي ۾ موجود آهي. سندس تعلق هندستان جي علائقي گرنار سان هو، جيڪو گجرات ضلعي ۾ جوناڳڙهه جي ڀرسان جو علائقو آهي. گرنار جي ٽڪرين تي ڪيترائي هندو ڌرم ۽ جين مت وارن جا مندر موجود آهن. سنڌ ۾ گرنار کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهڻو ڳايو آهي، ڇو ته تاريخي طور گرنار، گورکناٿ جي پسند جي جاءِ رهي آهي. سنڌ ۾ گورکناٿ کي ’جميعل شاهه ڏاتار‘ جي نالي ۾ پوڄيو ويندو آهي. جميعل شاهه ڏاتار سنڌ جي صوفين ۾ واحد صوفي آهي، جنهن جو تذڪرو ڪافي الجهليل آهي، ڪيترا کيس گورکناٿ جو اوتار سمجهن ٿا. مولانا نعيمي پنهنجي ڪتاب ‘Sufis of Sindh’ (1997ع) ۾ جميعل شاهه جو مڪمل نالو سيد عبدالهادي طلحه عرف جمعيل شاهه گرناري لکيو آهي، جيڪو سندس لکيت موجب 1185ع ۾ مشهد ۾ ڄائو ۽ ننڍپڻ ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيائين. ظاهري علمن سان گڏ باطني علمن ۾ به ڀڙ ٿيو. هو پوءِ سنڌ آيو ۽ پير پٺي جو مريد ٿيو، جتان نقشبندي ۽ چشتي طريقي جي بيعت ڪيائين. هي ٻئي طريقا هڪ ٻئي جي مخالف سمجهيا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ چشتي طريقي ۾ راڳ جي اجازت آهي، جڏهن ته نقشبندي طريقي ۾ راڳ منع ٿيل آهي، نعيميءَ موجب جمعيل شاهه پهريائين چشتي ۽ پوءِ نقشبندي ٿيو. ڊاڪٽر الانا صاحب جي لکت موجب هو پير پٺي جو سجاده نشين ۽ ميمڻن جو روحاني پيشوا هو ۽ امام موسيٰ ڪاظم جي پونيرن مان هو. هن ئي ميمڻ برادريءَ کي اسلام ڏانهن راغب ڪري مسلمان ڪيو. هن 1244ع ۾ وفات ڪئي. سندس عاليشان روضو موجود آهي، جتي هر سال ٽن ڏينهن جو ميلو لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1244.00.00  عيسوي

جميل شاهه ڏاتار 1244ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عزيز سانگي
رمضان جت
دين محمد ڪنڀار
سڳالچند مڪواڻو
جلال الدين سرخ بخاري
گل آغا
شنڪر ملواڻي
ڪرهيو ڀانڊاري شيخ
آغا صوفي
جاڙيجو جمعو درويش
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون