جميعل شاھہ ڏاتار

جميعل شاھہ ڏاتار: هي جميعل شاھہ گرناريءَ جي نالي سان بہ ڄاتو وڃي ٿو. سندس مقبرو ڳوٺ پير پٺي، ضلعي ٺٽي ۾ موجود آهي. سندس تعلق هندستان جي علائقي گرنار سان هو، جيڪو گجرات ضلعي ۾ جوناڳڙھہ جي ڀرسان جو علائقو آهي. گرنار جي ٽڪرين تي ڪيترائي هندو ڌرم ۽ جين مت وارن جا مندر موجود آهن. سنڌ ۾ گرنار کي شاھہ عبداللطيف ڀٽائي گهڻو ڳايو آهي، ڇو تہ تاريخي طور گرنار، گورکناٿ جي پسند جي جاءِ رهي آهي. سنڌ ۾ گورکناٿ کي ’جميعل شاھہ ڏاتار‘ جي نالي ۾ پوڄيو ويندو آهي. جميعل شاھہ ڏاتار سنڌ جي صوفين ۾ واحد صوفي آهي، جنهن جو تذڪرو ڪافي الجهليل آهي، ڪيترا کيس گورکناٿ جو اوتار سمجهن ٿا. مولانا نعيمي پنھنجي ڪتاب ‘Sufis of Sindh’ (1997ع) ۾ جميعل شاھہ جو مڪمل نالو سيد عبدالهادي طلحه عرف جمعيل شاھہ گرناري لکيو آهي، جيڪو سندس لکيت موجب 1185ع ۾ مشهد ۾ ڄائو ۽ ننڍپڻ ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيائين. ظاهري علمن سان گڏ باطني علمن ۾ بہ ڀڙ ٿيو. هو پوءِ سنڌ آيو ۽ پير پٺي جو مريد ٿيو، جتان نقشبندي ۽ چشتي طريقي جي بيعت ڪيائين. هي ٻئي طريقا هڪ ٻئي جي مخالف سمجهيا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ چشتي طريقي ۾ راڳ جي اجازت آهي، جڏهن تہ نقشبندي طريقي ۾ راڳ منع ٿيل آهي، نعيميءَ موجب جمعيل شاھہ پهريائين چشتي ۽ پوءِ نقشبندي ٿيو. ڊاڪٽر الانا صاحب جي لکت موجب هو پير پٺي جو سجادہ نشين ۽ ميمڻن جو روحاني پيشوا هو ۽ امام موسيٰ ڪاظم جي پونيرن مان هو. هن ئي ميمڻ برادريءَ کي اسلام ڏانهن راغب ڪري مسلمان ڪيو. هن 1244ع ۾ وفات ڪئي. سندس عاليشان روضو موجود آهي، جتي هر سال ٽن ڏينهن جو ميلو لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو