جميلا بوپاشا: الجزائر جي نوجوان ڇوڪري جنهن الجزائر جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، جو اڄ سندس نالو دنيا جي انقلابي ڇوڪرين ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هن دنيا جي ان طاقت سان مقابلو ڪيو، جيڪا هميشہ اها دعويٰ ڪندي هئي تہ اسان دنيا ۾ امن ۽ سلامتيءَ جا علمبردار آهيون، پر جڏهن الجزائر، فرانس کان آزادي گهري تہ آزادي گهرندڙن تي ايترا ظلم ڪيا ويا، جو دنيا ڏسي حيرت ڪرڻ لڳي.
جميلا بوپاشا هڪ پڙهيل لکيل گهر ۾ جنم ورتو، هيءَ ننڍپڻ کان ئي الڳ رهڻ پسند ڪندي هئي، پر جڏهن نيشنل لبريشن فرنٽ فرانس خلاف گوريلا جنگ شروع ڪئي تہ ڪيترين نوجوان عورتن، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهندڙ ڇوڪرين فرانس خلاف آواز اٿاريو. هڪ ڏينهن فرانس جي ڇاپا مار فوج پوليس سان ملي جميلا بوپاشا جي گهر تي حملو ڪيو. هنن کي اطلاع هو تہ ڪي مجاهد جميلا جي گهر ترسيل آهن، جيڪي فوج خلاف ويڙھہ جي رٿابندي ڪري رهيا آهن. جڏهن فوج گهر ۾ رات جي وقت ڇاپو هنيو تہ ان وقت سڀ ننڊ پيا هئا، جميلا کي گرفتار ڪيو ويو، سندس والد عبدالعزيز ۽ ڀيڻويي احمد کي گرفتار ڪري الجزائر جي جيل الجير آندو ويو، جتي جميلا تي تمام گهڻو غير انساني تشدد ڪيو ويو، ڇاڪاڻ تہ جڏهن فرينچ فوج خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ ان فوج خلاف هڪ تحريري تحريڪ شروع ڪئي تہ هن دنيا کي ان ظالم فوج ساڻس ڪيترو ظلم ڪيو. ان ڏس ۾ هن هڪ فرينچ قانوندان عورت ’جيلسي خليم‘، کي خط لکيو، جنهن ۾ اهو سڀ ڪجهہ بيان ڪيائين، جيڪو هن سان قيد ۾ اختيار ڪيو ويو. ان عورت قانوندان جڏهن هن جو خط پڙهيو تہ هن سندس ڪيس وڙهڻ جو ارادو ڪيو ۽ الجزائر جي ويزا وٺي شھر پهتي، جتي هن جي ملاقات جميلا سان ٿي، پر هوءَ ڪجهہ بہ نہ ڪري سگهي، ڇاڪاڻ تہ ان وقت الجزائر ملڪ ۾ نہ پوليس، نہ فوج ۽ نہ ئي عدالت آزاد هئي. هن بھادر ڇوڪريءَ خلاف فيصلو ٻڌايو ويو پر اهو ڏينهن جلد آيو، جڏهن آزاديءَ جي مجاهدن جي سامهون فرانس کي هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا ۽ 21 اپريل 1962ع ۾ سڀني قيدين کي آزاد ڪيو ويو ۽ الجزائر ملڪ کي آزاد ڪيو ويو.