جميلا نرگس: ڪهاڻيڪار جميلا نرگس، 9 مئي 1942ع تي کرل آباد، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو. هوءَ جسٽس (ر) عبدالرحيم کرل جي نياڻي ۽ نامياري ڪهاڻيڪار نسيم کرل جي ڀاڄائي هئي. سندس وڏي ڀيڻ ثريا ياسمين به بهترين ڪهاڻيڪاره آهي. جميلا نرگس ڪراچيءَ مان تعليم ورتي. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ هوءَ بهترين افسانه نويس طور اُڀري. سندس ڪافي افسانه ماهوار ‘نئين زندگي ’ ۾ ڇپيا. هن مختلف رسالن ۾ 30 کان وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون. سندس ڪتاب ڇپجي نه سگهيو. جميله کرل 22 جنوري 2004ع تي وفات ڪئي.
1942.05.09 عيسوي
ڪهاڻيڪار جميلا نرگس، 9 مئي 1942ع تي کرل آباد، ضلعي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو.
2004.01.22 عيسوي
جميله نرگس 22 جنوري 2004ع تي وفات ڪئي.