ڊاڪٽر جميل جالبي

ڊاڪٽر جميل جالبي

جميل جالبي ڊاڪٽر

جميل جالبي ، ڊاڪٽر: اردوءَ جو ناميارو اديب ، نقاد ۽ محقق ، ڊاڪٽر جميل جالبي ، 1 جولاءِ 1929ع تي عليڳڙھہ ۾ ڄائو . ايم . اي ( انگريزي ) 1949ع ۾ ۽ ايم . اي ( اردو ) 1950ع ۾ ڪيائين . ان سان گڏ ئي 1950ع ۾ ايل . ايل . بي جو امتحان پاس ڪيائين . 1971ع ۾ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان جي نگرانيءَ ۾ ، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين ۽ 1975ع ۾ ڊي . لٽ جي ڊگري ورتائين . شروعات ۾ انڪم ٽيڪس کاتي ۾ ملازم رهيو . 1983ع کان 1987ع تائين ڪراچي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر رهيو . ان بعد کيس 1987ع کان 1994ع تائين نيشنل لئنگئيج اٿارٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو . 1991ع کان 1998ع تائين اردو لغت بورڊ جي اعزازي صدر طور خدمتون سرانجام ڏنائين . ادب ۾ سندس دلچسپيءَ جو موضوع تحقيق رهيو آهي . سندس 40 کن ڪتاب ڇپيل آهن . سندس تنقيد جي موضوع تي ڇپيل ڪتابن ۾: ’تنقيد اور تجربه ‘ ( 1967ع ) ، ’مير تقي مير ‘ ( هڪ مطالعو: 1981ع ) ، ’ادب ڪلچر اور مسائل ‘ ( 1986ع ) ، ’ن . م راشد- ايڪ مطالعه ‘ ( 1986ع ) ، ’معاصر ادب ‘ ( 1991ع ) ، ’قومي زبان ، يڪجھتي ، نفاذ اور مسائل ‘ ( 1989ع ) ، ’قلندر بخش ” جراءت “ ‘ ( لکنوي تھذيب جو نمائنده شاعر: 1990ع ) ۽ ’ميراجي- ايڪ مطالعه ‘ ( 1990ع ) شامل آهن .
تحقيق جي موضوع تي سندس ڪتاب: ’ديوان حسن شوقي ‘ ( 1971ع ) ، ’ديوان نصرتي ‘ ( 1972ع ) ، ’مثنوي ڪدم رائو ، پدم رائو ‘ ( 1973ع ) ، ’ادبي تحقيق ‘ ( 1994ع ) تي لکيل آهن . سندس تيار ۽ ايڊٽ ڪيل لغتن ۾: ’قديم اردو ڪي لغت ‘ ( 1973ع ) ، ’فرهنگ اصلاحات جامعہ عثمانيه ‘ ( جلد پهريون: 1991ع ) ، ’قومي انگريزي اردو لغت ‘ ( 1992ع ) ، ’فرهنگ اصلاحات جامعہ عثمانيه ‘ ( جلد ٻيو: 1993ع ) شامل آهن . تاريخ جي موضوع تي: ’تاريخ ادب اردو ‘ ( جلد پهريون: 1975ع ) ، جلد ٻيو ( حصو پهريون: 1982ع ) ، جلد ٻيو حصو ٻيو ( 1982ع ) ، جلد ٽيون ( 2006ع ) ڇپيل اٿس ۽ سندس ترجمن ۾: ’ايليٽ ڪي مضامين ‘ ( 1990ع ) ، ’ارسطو سي ايليٽ تڪ ‘ ( 1975ع ) ، ’برصغير ۾ اسلامي جديديت ‘ ( 1989ع ) ، ’برصغير ۾ اسلامي ڪلچر ‘ ( 1990ع ) ، ’بوطيفا از: ارسطو ‘ ( 1998ع ) شامل آهن ، جڏهن تہ ڪلچر جي موضوع تي ڪجهہ انگريزي ڪتاب ۽ ڪجهہ ٻاراڻي ادب ۾ بہ ڪتاب ڇپيل آهن .
ڊاڪٽر جميل جالبيءَ جي زندگي ۽ شخصيتن تي بہ ٽي ڪتاب ڇپيل آهـن . کـيـس ڪيترن ئي اعزازن ۽ انعامن سان نوازيو ويو آهي ، جن ۾ ’دائـود ادبـي انـعـام ‘ ( 1954ع ، 1973ع ، 1974ع ، 1975ع ) ، پـاڪـسـتـان حڪومت طرفان ’ستارہ امتياز ‘ ( 1990ع ) ، ’طفيل ادبي اوارڊ ‘ ( 1990ع ) ۽ ’هلال امتياز پاڪستان حڪومت ‘ ( 1994ع ) شامل آهن . هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.07.01  عيسوي

ڊاڪٽر جميل جالبي ، 1 جولاءِ 1929ع تي عليڳڙهه ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيون هيڊن
دائود سيوستاني
عمران مگسي
حيدر بخش جتوئي ڪامريڊ
دليپ ڪمار ڪوهستاني
پنڊت شاناڪ سارنگ سنڌي
بي ايڇ ايلس
ڀوڄراج شيوڪ
شيخ عبدالحفيظ ڊاڪٽر
عبدالجبار خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون