جمي ڪارٽر

جمي ڪارٽر

جمي ڪارٽر

جمي ڪارٽر (Jimmy Corter ):آمريڪا جو اڻيتاليهون صدر جمي ڪارٽر، پهرين آڪٽوبر 1924ع ۾ جارجيا رياست ۾ پيدا ٿيو. سندس خانداني نالو جمز ارل ڪارٽر جونيئر آهي، سندس والد پوک ڪرڻ سان گڏوگڏ هڪ جنرل اسٽور بہ هلائيندو هو. هي پنھنجي خاندان جو واحد فرد هو، جنهن ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪئي. هن پهرين عالمي جنگ ۾ بري فوج جي ليفٽيننٽ جي حيثيت ۾ حصو ورتو. ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کان هڪ سال پوءِ هن کي بحريه ۾ ڪميشن ملي. والد جي وفات کان پوءِ هن بحريه جي نوڪري ڇڏي ۽ پنھنجي ڳوٺ هليو ويو. 1962ع ۾ هن سينيٽ جي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿيو. 1970ع ۾ هن کي جارجيا جو گورنر مقرر ڪيو ويو، گورنر جي حيثيت ۾ هن ٻن وڏن واپاري وفدن جي اڳواڻي ڪئي. 1977ع ۾ هن ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي صدارتي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ ڪامياب ٿيو. هن صدر جي حيثيت ۾ 20 جنوري 1977ع تي پنھنجي عهدي جو قسم کنيو. نومبر 1980ع ۾ ٿيل چونڊن ۾ هي هارائي ويو.


لفظ جمي ڪارٽرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.10.01  عيسوي

جمي ڪارٽر ، پهرين آڪٽوبر 1924ع ۾ جارجيا رياست ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شوپنهار آرٿر
امير حسن
احمد سلطان
ارباب الھجڙيو
ڏاهري غلام قادر
برڪلي
خان عبدالغفار خان
شير خان
شھباز دراني
ڌرمپال اگروال
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون