جمڀيري (ڊگهو ليمون ):هيءَ ليمي جي هڪ جنس آهي، جيڪا سنڌ ۾ ٿئي ٿي. هيءَ جنس اڪثر طور ڦر گهڻو ڏئي ٿي، پر هن ۾ ليمي جي ٻين جنسن ۾ جھڙوڪ ڪاغذي وغيرہ کان رس گهٽ هوندي آهي. هڪ ميٽر کان چئن ميٽرن تائين ڊگهو ٿئي ٿو. هن جي ٽارين ۾ ڪنڊا جام ٿيندا آهن. هن جو ڦَر بيضوي شڪل جو هوندو آهي، جنهن جي آخر ۾ ننڍڙو چوپڻي وانگر اڀار هوندو آهي. هيءُ ليمي جو وڻ سمنڊ جي سطح کان ٻارهن ميٽر مٿي ڪثرت سان ٿئي ٿو. پوکڻ کان پوءِ ارڙهن مهينن اندر فصل ڏئي ٿو. هيءُ ليمون عام ليمي کان تيز هوندو آهي، انهيءَ ڪري اسڪوائيش شربت، شڪنجين وغيرہ هن مان ئي ٺاهيا وڃن ٿا. هن کي هنديءَ ۾ جمڀيرو بڙا ليمون، بنگاليءَ ۾ جاميرليبو، گجراتيءَ ۾ موٽيو ليبو، لانبا ليبو ۽ لاطينيءَ ۾ ’Citrus Lemon‘ چوندا آهن. هن جو مزاج ٻہ درجا سرد ۽ ٽي درجا خشڪ ٿئي ٿو .