جنت: جنت لفظ جي معنيٰ آهي ’باغ‘. جنت اهڙي باغ کي چيو وڃي ٿو، جنهن جي زمين گهاٽن وڻن جي ڪري نظر نہ اچي. هن جاءِ جو تصور اسلام ۾ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ سان آهي، جنهن موجب نيڪ انسانن لاءِ رهڻ واري جاءِ ’جنت‘ آهي. اسلام جي پنجين رڪن ۾ هڪ اهو بہ آهي تہ قيامت جي ڏينهن حساب ڪتاب بعد انسان کي ان جي ڪيل سٺن عملن جي ڪري جنت ۽ بدعملن جي ڪري جھنم ڀيڙو ڪيو ويندو.
اسلام ۾ جنت جو عقيدو: اسلام ۾ جنت جو عقيدو ڪنهن حد تائين ٻين مذهبن کان مختلف آهي. بنيادي طور تي جنت هڪ اهڙي جاءِ تصور ڪئي وڃي ٿي، جتي رهندڙ نيڪ انسانن جون سڀ خواهشون پوريون ٿي وڃن ٿيون ۽ اتان جي زندگي دائمي آهي ۽ ماڻهو هر پريشاني ۽ مشڪلات کان پري رهندو. قرآن مجيد ۾ سورة الڪهف جي آيت نمبر 31 ۾ ﷲ تعاليٰ فرمائي ٿو تہ: ”بيشڪ ﷲ داخل ڪندو (جنت ۾) انهن کي، جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا. اهي منجهس سدائين رهڻ وارا آهن، انهن لاءِ دائمي باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون؛ انهن کي پهرايا ويندا. سون جا ڪنگڻ ۽ موتي؛ ۽ انهن جي پوشاڪ ريشم آهي.“
جنت عام طور تي بلند ترين آسمان کان مٿي ۽ عرش الاهي کان هيٺ ٻڌائي وڃي ٿي. جنت جا مختلف طبقا آهن ۽ هر طبقو مختلف حصن ۾ ورهايل آهي، جنت جو سڀ کان مٿانهون طبقو جيڪو آسمان کان بہ مٿي آهي.
بعض اصحابين ۽ راوين جنت جا ست طبقا ٻڌايا آهن: (1) جنت الفردوس، (2) جنت عدن، (3) جنت النعيم، (4) دارالخلد، (5) جنت الماويٰ، (6) دارالسلام، ۽ (7) عليين. ڪن راوين وري جنت جا اٺ درجا بيان ڪيا آهن: (1) جنت عدن، (2) جنت الماويٰ، (3) جنت الفردوس، (4) جنت النعيم، (5) دارالقرار، (6) دارالخلد، (7) دارالسلام، ۽ (8) دارالجلال.
انهن مختلف طبقن تائين پهچڻ جا اٺ وڏا دروازا آهن. هڪ حديث مبارڪ ۾ بيان ڪيل آهي تہ انهن دروازن کي کولڻ لاءِ هڪ چاٻي آهي، جنهن کي ٽي ڏندا آهن ۽ جيڪي هي آهن:
(1) توحيد جو اقرار (2) ﷲ تعاليٰ جي اطاعت (3) ۽ غير شرعي ڪمن کان پاسو ڪرڻ.
قرآن پاڪ ۽ حديثن ۾ بہ جنت جو ذڪر ڪثرت سان آيو آهي. قيامت جي ڏينهن عملن جو حساب ٿيڻ بعد نيڪ ۽ پرهيزگار بندن کي جنت عطا ٿيڻ جو بيان آهي. سڀ کان پهرين امت جو سردار آخري نبي محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جنت ۾ داخل ٿيندو.
قـرآن پاڪ جي مختلف آيتن ۾جنت بابت جيڪو بيا آهي، تن ۾ ان ابدي زندگيءَ جي سمورين آسائشن جو ذڪر آهي. جنت ۾ کير ۽ ماکيءَ جي ندين، خوبصورت موتين جهڙين حورن، گلن، وڻن، ميون ۽ پاڪ شراب ۽ نہ ختم ٿيندڙ جوانيءَ، ريشمي لباس ۽ ٻين آرائشن جو ذڪر جنت جي بيان ۾ ٿيل آهي.
هندومت ۾ جنت جو عقيدو: هندومت ۾ سرڳ (جنت) جو عقيدو پڻ ٻين مذهبن کان مختلف آهي. ’ڀڳوت پراڻ‘ ۾ لکيل آهي تہ: ’هن ڌرتيءَ کان مٿي جنت جا 6 تھہ آهن ۽ ڌرتيءَ جي هيٺان 7 تھہ آهن، وري ڌرتيءَ جي ستن تھن جي هيٺان دوزخ جا 28 تھہ آهن، جن جي هيٺان ٽهڪندڙ پاڻيءَ جو سمنڊ آهي، جنهن ۾ گنهگارن کي وڌو ويندو ۽ پاڪ ڪري ڪڍيو ويندو. هندو عقيدي مطابق جنهن ماڻهوءَ جا عمل سٺا آهن تہ ان جي روح کي سرڳ (جنت) ۾، ۽ جنهن جا عمل بد آهن تہ ان جي روح کي نرڳ (جھنم) ۾ موڪليو ويندو ۽ پوءِ سزا ۽ جزا کان پوءِ مقرر ڪيل وقت تي وري روحن کي ڌرتيءَ تي ڪنهن ماڻهوءَ يا جانور جي صورت ۾ واپس موڪليو ويندو تہ جيئن هو پنھنجي عملن جو ڦل حاصل ڪري سگهن.
عيسائين جي مذهب ۾ جنت جو تصور: عيسائي مذهب جي عقيدي مطابق جنت دائمي زندگيءَ واري جاءِ آهي. هنن جو يقين آهي تہ قيامت جي ڏينهن هر ماڻهوءَ جي عملن جي ليکي کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا ڏوھہ وڌي ويندا تہ ان کي جھنم جي سزا ڏئي پاڪ ڪيو ويندو ۽ پوءِ جنت ۾ داخل ڪيو ويندو. مطلب تہ هر عيبدار سزا کان پوءِ ۽ بي عيب ٻئي جنت جو مزو ضرور حاصل ڪندا .